ڪنري ۾ هندو برادري جو چندا مهاراج واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

ڪنري (ن س) حيدرآباد مان اڍائي مھينا اڳ مبينا اغوا بعد مبينا طور پسند جو پرڻو ڪندڙ نينگري چندا مھاراج واقعي خلاف ڪنري ۾ ھندوز آرگنائيزيشن آف سنڌ جي سڏ تي ھندو برادري روڊن تي نڪري آئي، ھندو برادري جي ماڻھن الله واري چوڪ کان ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. مظاھرين پاران هٿن ۾ پينافليڪس ۽ بينرز کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن مرڪزي چيف آرگنائيزر نارائڻ داس ڀيل، آرگنائيزر چيلارام ڀيل، هري لعل ميگھواڙ، روي شنڪر ڀيل، يوسف جوڳي، کيمچند ميگھواڙ، ايسرداس مهاراج، هريش ڪمار مھاراج ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳائيندي چيو ته ڪجھ وقت پھرين حيدرآباد مان 16 سالن جي سنڌي ھندو نياڻي چندا مھاراج کي جوابدار شمن مگسي ۽ سندس ساٿي کنڀي کڻي ويا ھئا، جيڪا مسلسل جدوجھد کانپوءِ نياڻي کي ڪراچي مان بازياب ڪرائي وئي، جڏھن تہ نياڻي نابالغ آھي ۽ ميڊيڪل رپورٽ ۾ 16 سال نابالغ ڪيلئر ٿيل آھي اُن باوجود نياڻي کي وارثن حوالي نه ٿي ڪئي وڃي، اسين سمجھون ٿا سنڌي ھندو نياڻي کي اغوا ڪري جبرن اُنھن جو مذھب تبديل ڪرڻ سنڌ مان ھندوئن کي تڙي ڪڍڻ جي سازش آھي، ھنن چيو ته ھندو نياڻين کي پيار جي آڙ ۾ مذھب تبديل ڪرڻ جو مطلب ئي سنڌ جي تاريخ تھذيب ۽ سڀيتا تي ھڪ وار آھي، ھندئن لاءِ ڌرتي تنڱ ڪرڻ ھڪ الميو آھي حڪومت فوري طور ايڪشن وٺي ھندئن کي مينارٽيز ايڪٽن تحت تحفظ ڏي، ھنن وڌيڪ چيو ته چندا مھاراج نابالغ نياڻي آھي، کيس اغوا ڪرڻ بعد مذھب مٽايو ويو، ميڊيڪل ۾ چندا جي ڄمار نابالغ ھجڻ جو انڪشاف ٿيو، پر ان باوجود کيس اغوا ڪندڙ ۽ نڪاح پڙھائيندڙ سھولتڪارن خلاف ڪاروائي نه ٿي. ھنن اعليٰ عدالتن، اعليٰ اختيارين، حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت سنڌ مطالبو ڪيو تہ سنڌي ھندو نياڻين جو جبرن مذھب تبديل ڪرڻ واري عمل کي روڪيو وڃي ۽ 16 سالن جي نابالغ سنڌي ھندو نياڻي چندا مھاراج فوري طور وارثن حوالي ڪري جوابدار شمن مگسي ۽ سندس ساٿين سميت نڪاح پڙھائيندڙ مولوي ۽ نڪاح ۾ شاھدي ڏيندڙن تي چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں