اوٻاوڙو: رند مائينر کي 12 فوٽ گهارو، 5 ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ

اوٻاوڙو(رپورٽ: منيراحمدگرگيج)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ بهرام شر وٽان رند مائنر کي 12 فوٽ گهارو پوڻ سبب پنج ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻن وريام خان شر، لعل بخش شر ارشاد شر ۽ قادر بخش ڪوش ٻڌايو ته شام ست بجي کان گهارو پوڻ شروع ٿيو جنهن جو اطلاع اسان بيلدار راڻي رند، داروغي ميان معشوق ڀارو، ايس ڊي او ايريگيشن سچل نائچ، انجينئر ايريگيشن خورشيد کوکر کي ڏنو آهي. صبح ست بجي تائين گهارو هليو آهي، گهارو بند ڪرڻ تائين ايريگيشن جو ڪو به عملدار نه پهتو ۽ هنن ٻيهر اسان جي ڪال به نه کئين، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان پهريان ئي بارش جا متاثر آهيون جنهن سبب فصلون مري ويون هاڻي گهر جو مال ڍگي وڪڻي اسان گذر سفر ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جو فصل پوکيو آهي جيڪو رند مائينر کي گهارو پوڻ ۽ ايريگيشن عملدارن جي لاپرواهي ۽ ڪم چوري سبب پاڻي هيٺ اچي ويو، اسان جا گهر ۽ رستا به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن هارين، آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جو ڪروڙن رپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن وزيز اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، اعليٰ عملدارن ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں