تحريڪ انصاف جي حڪومت اچي ته پنهنجي مرضي موجب نيب قانون ٺاهين:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) نيب ترميم واري ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا آهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اچي ته هو پنهنجي مرضي موجب قانون ٺاهي . سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي هيٺ ٽي رڪني اسپيشل بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل خواجه حارث طرفان گڏيل قومن، يورپي يونين ۽ آفريڪي يونين جي ڪرپشن ٽوڙ ڪنوشن جا حوالا ڏنا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان موجب ڪرپشن جا حوالا ڪجهه بئنچ مارڪ آهن، جن کي برقرار رکڻو آهي. چيف جسٽس چيو ته مون کي ڪنهن ٻڌايو ته هاڻ يو اي ايِ به مني لانڊرنگ جي ڪمزور قانونن جي ڪري گري لسٽ ۾ آهي، اوهان ڪيس ۾ بنيادي حقن تي ڳالهايو، وڪيل چيو ته ڪرپشن سان بنيادي حق متاثر ٿين ٿا. فيئر ٽرائل ۽ برابري حق به، انهن ترميمن کان پهريان نيب چيئرمين وٽ اختيار هو ته ڪنهن به بئنڪ جا تفصيل طلب ڪري سگهي پيو. جسٽس اعجاز الاحسن چيوته عوامي پئسي جي غلط استعمال سان به عوام جو اعتماد خراب ٿيندو آهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان جون ڳالهيون پارليامنٽ لاءِ سٺي تقرير آهي، خواجه حارث چيو ته پارليامنٽ ۾ ته ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، کين جيڪو ڪرڻو آهي هو ڪن ٿا، جسٽس منصور علي شاهه جواب ڏيندي چيو ته ڳالهه ٻڌڻ لاءِ پارليامنٽ ۾ هجڻ به ضروري آهي، جيڪڏهن اوهان چونڊن ۾ کٽيو ته پنهنجون ترميمون آڻجو. خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته دنيا جو هر ملڪ ڪرپشن قانونن ۽ سزائن کي سخت ڪرڻ جو چئي رهيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته خواجه حارث صاحب جو خيال آهي ته جيڪي ڇٽي ويا، انهن کي پڪڙڻ ڏکيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان کين ٻيهر پڪڙي وٺجو، هر سياسي جماعت جڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها قانون ٺاهيندي آهي، جيڪڏهن اوهان کي نيب قانون پسند ناهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچي ته هو پنهنجي مرضي موجب قانون ٺاهي ڇڏي. چيف جسٽس وفاقي سرڪار جي وڪيل کي مخاطب ڪندي چيو ته هڪ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کانپوءِ قانون واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن ٻئي قانون ۾ پارليامنٽ ۾ ته بحث ناهي ٿيو پر ڪميٽي جنهن تي سڀ موجود هئا، اتي وڏو بحث ٿيو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن نيب ترميمن ۾ به ڪو بحث ٿيو آهي ته ان ڪميٽي جا تفصيل فراهم ڪيو. خواجه حارث چيو ته سوئس اڪائونٽن واري ڪيس ۾ ڪيس ختم ٿيندي ئي سمورو رڪارڊ گم ڪيو ويو، نيب ريفرنسز ۾ به اصلي دستاويز نه هئڻ سان جوابدار بري ٿيا ۽ نيب چئي ڇڏيو ته اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن 31 اي ختم نه ٿئي ها ته اسحاق ڊار واپس نه اچي سگهي ها، اهڙي قسم جو ترميون فائدي لاءِ ڪيون وينديون آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته قوم طور اسان سڀ افورڊ ڪندا آهيون، روز بريت لاءِ درخواستون اچي رهيون آهن، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪير ائين ڪندو ته عوام کيس ووٽ نه ڏيندو، ڇا عدالت پارليامنٽ کي قانونن ۾ ترميمون ڪرڻ کان روڪي ڇڏي؟ خواجه حارث چيو ته سڄو نظام مفلوج بڻايو پيو وڃي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان جيترا دليل ڏيندئو اسان ميچ کان پري ٿيندا وينداسين، جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ترميمون ختم ٿيڻ سان ڇا عدالتي حڪم ختم ٿي ويندا؟  جنهن تي وڪيل خواجه حارث چيو ته سپريم ڪورٽ قانون کي بحال به ڪري سگهي ٿي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں