جوهي (ن س) هاڻوڪي ٻوڏ جي تباھ ڪارين سبب ٻوڏ مُتاثر علائقن جيان جوهي تعلقي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي وڏو مسئلو بڻجي ويو.اُن صورتحال جو جائزو وٺندي جوهي جي عورتن جي سماجي تنظيم ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاڻي جي فراهمي تي ڪم ڪندڙ انٽرنيشنل اداري واٽر ايڊ پاڪستان سان رابطو ڪري هڪ منصوبو لکيو.جنهن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي اولين ترجيح هُئي. گُذريل ڪجھ ڏينهن کان ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن يوسي ڪمال خان جي مُختلف ڳوٺن ۾ پوڏ مُتاثرين ڳوٺاڻن کي ٽئنڪرن وسيلي پاڻي جي فراهمي واٽر ايڊ پاڪستان جي سهڪار سان ڪري رهي آھي.
