حيدرآباد ۾ شوڪت حسين شورو جي ورسي جي حوالي سان تقريب،ثقافت کاتي طرفان ڪتاب ڇپرائڻ جو اعلان

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار, افسانا ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شوري جي پهرين ورسي جي حوالي سان سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ اديبن, شاعرن ۽ ليکڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شوڪت حسين شوري کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي چيو ته شوڪت حسين شورو سنڌ توڙي هند جي سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هو جديد ادب ۽ فڪشن جو پاڙهو ليکڪ هو, هو ظاهري طور تي خاموش طبيعت جو ماڻهو هو پر هن جي لکڻين ۾ قومي درد, سماجي ناانصافي, ڏکن ۽ تڪليفن جا داستان سامهون ايندا رهيا آهن. ورسي تقريب جي صدارت ڪندي نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت جي هر پهلو تي ڳالهائڻ لاءِ تمام وڏو مواد آهي. هُو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. گذريل پنجاھ سالن جا داستان آهن ان تي ڳالهائڻ لاء ايترو وقت ۽ حوصلو گهرجي. هن چيو ته پنهنجي عالم، اديبن ۽ محسنن کي ياد ڪرڻ گهرجي ورسين کانسواءِ به کين بار بار ياد ڪري کين مڃتا ڏيڻ کپي. ڇو ته سندن خدمتون اتساهه ڏين ٿيون، شوڪت حسين شوري جنهن پنهنجي لائبريري سنڌالاجي کي دان ڪئي اڄ هو ان سنڌالاجي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اترين پاسي آرامي آهي ۽ جتي ڪي ئي سج اڀرندا ۽ لهي ويندا پر شوڪت هميشه ياد رهندو. شوڪت حسين شوري جي ڀاء ۽ ڪهاڻيڪار مشتاق شوري چيو ته شوڪت جو وڇوڙو اسان جي ڪٽنب لاءِ ڪنھن غير يقيني حادثي کان گهث نه هو. جنهن تي ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ همت ناهي. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت ۽ تحرير منفرد ۽ دل کي وڻندڙ هئي, هن جي خاموشي جا اڪثر ماڻهو مداح هئا. هن جي ڪهاڻين کي ترقي پسند ۽ قومپرست لاڙن گهڻو منفرد بڻايو. هن چيو ته ڊرامو ۽ ڪهاڻيون هن جا مک تخليقي مورچا هئا, هن جا لکيل ڊراما جڏهن هلندا هئا ته ماڻهن جا هجوم هڪ ئي ٽي وي آڏو گڏ ٿي ويندا هئا. شوڪت شوري ۾ ڪا به وڏائي نظر نه آئي , هو جيترو حسين هو ايترو ئي سادو انسان هو. هن جي ڪردار ۽ ذات ۾ چانڊوڪي جهڙي چمڪ هئي. ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منور علي مهيسر چيو ته اديب نه رڳو اڄ پر سڀاڻ جو به سرمايو هوندا آهن, اسان جو معاشرو ڏاڍو بي حس ٿيندو پيو وڃي اسان کي انهن شين تي سوچڻ جي ضرورت آهي, ائين نه ٿئي وقت هٿن مان هليو وڃي. هن چيو ته شوڪت حسين شورو ماٺيڻو ۽ صاف سٿرو ماڻهو هو. هو صرف ماڻهن کي ٻڌندو هو. نامياري شاعر صحافي نياز پنهور عالم ارواح مان شوڪت حسين شوري جي لکيل تصوراتي خط کي پڙهيو ۽ سندس باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته شوڪت حسين شوري جو ڪم ڪنهن کان لڪيل ناهي هن سنڌي سماج جي نبض تي هٿ رکي لکيو آهي، شوڪت ان پيڙا کي پاڻ محسوس ڪيو جيڪو عام ماڻهو ڀوڳي ٿو. هن چيو ته شوڪت ڪڏهن به ڪنهن هڪ صنف تي محدود نه ڪيو سندس ڪهاڻين، افسانن سميت هر صنف تي ذميواري سان لکيو ۽ سمورن موضوعن تي دل سان ڪم ڪيو، هو شوقيه ليکڪ نه هو هن سماج لاء لکيو ۽ سماج ۾ به کيس اها مڃتا ۽ قبوليت مليل آهي. ناليواري ليکڪ زيب سنڌي چيو ته ڪهاڻي پاڻ لکبي ناهي اها پاڻ لکرائيندي آهي ۽ ائين ئي پاڻ پڙهائيندي آهي، شوڪت حسين جي ڪهاڻي کي پڙهي اڌ ۾ ڇڏڻ ڏکيو ڪم آهي. هن چيو ته شوڪت ڪڏهن به شهرت جي ڊوڙ ۾ نه رهيو هُن پنهنجو ڪم خاموشي سان ڪيو ۽ کيس اها شهرت ملي جيڪا ڪڏهن به ختم ٿيڻي ناهي, هن مطالبو ڪيو ته شوڪت حسين شوري جي اڻ ڇپيل لکڻين کي ڇپرايو وڃي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته شوڪت حسين شوري جي خاموشي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن کي گهڻو ڪجهه سيکاري ويندي هئي. هن چيو ته سٺي ڪهاڻي جو اهو فن آهي ته اها پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي, شوڪت شوري جي ڪهاڻي ۾ اهو انداز ۽ فن موجود آهي ته ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي. شوڪت شوري جون ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون ته اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون. سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر ريحانه نذير چيو ته ون يونٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ڪجهه نوجوان اديبن ۽ شاعرن سنڌي ادب کي جديد بنيادن تي اڳتي وڌائڻ وارو ڪم ڪيو. شوڪت حسين شورو انهن اديبن. شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ شامل آهي. شوڪت شورو جي ڪهاڻين ۾ جديديت شامل آهي, هن جي ڪهاڻين جي خاص خوبي مختصر ۽ با معني هجڻ آهي. شاعر دوست عاجز چيو ته  شوڪت حسين گهڻ مطالعاتي ليکڪ هو، هن جي ڪهاڻين ۾ لفاظي گهٽ حقيقت وڌيڪ ملندي، شوڪت شورو اهڙو وڻ هو جنهن جي ڇانءُ ۾ دوست ويهي ساهه پٽيندا هئا. پر سور به ساڻس ونڊيندا هئا. هن چيو ته مونکي شوڪت شوري جهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي، هُو سماج ۽ دوستن جا درد پنهنجي اکين ۾ سانڍي رکندو هو. تقريب ۾ شوڪت حسين شورو جي حوالي سان لکيل ٻن ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي. جنهن ۾ اسحاق سميجو جو مرتب ڪيل “سارنگا نمبر” ۽ “شوڪت حسين شورو ايڪ عهد ساز افسانه نگار” شاعر ۽ صحافي نياز پنهور جو مرتب ڪيل ڪتاب شامل آهي.سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران اديبن جي هڪ وفد، سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ اديب شوڪت حسين شوري جي پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان، سندس قبر تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ دعا گهري وئي. وفد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجي سميت مدد علي سنڌي، نصير مرزا، علي دوست عاجز، مرتضي سيال، ساجد ميمڻ، ۽ محمد علي گهانگهرو، خالد آزاد، زاهد اوٺو، سليم جروار، علي نواز آريسر ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي  سارنگا جي شوڪت حسين شورو نمبر جو مهورت پڻ ڪيو ويو. تقريب ۾ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پاران اعلان ڪيو ويو ته شوڪت حسين شورو جو انگريزي ڪتاب ڇپرايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں