سردي جي لهر،ٻوڏ متاثرن جون ڪئمپون ۽ سماج سڌارڪ

بشريٰ ميمڻ
هاڻوڪي سانوڻي جي وسڪاري جون تباهڪاريون پنهنجا آثار ڇڏي ويون پر انهي سان گڏ هڪ نه کٽندڙ درد جي ڪٿا جيڪا نه ڄاڻ ڪٿي هلي ٿڪ ڀڃندي تنهن کي جنم ڏيئي ويون آهن پوري سنڌ سيلابي پاڻي جي ريلن ۾ لڙهي ويئي ماڻهو مدد لاءِ زارو قطار پڪارون ڪندا رهيا انهن جي درد جي هيل تائين ڪهڙي داد رسي ٿي سگهي آهي سا اسان جي سامهون آهي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ وسيلي جتي امدادي ڪم ۽ ماڻهن جي شيوا ڪئي ته اتي ڪنهن جاءِ تي اين جياوز ته ڪٿي وري سرندي وارا ماڻهو انهي ڀلائي جي ڪم ۾ رُڌل نظر آيا هاڻ جڏهن سياري جي سرد هوائون هلڻ شروع ٿيون آهن ته گڏ وري ٻوڏ متاثرن جا درد ٻيڻا ٿي ويا آهن ۽ اهي وري به مددجي انتظار ۾ ويٺل آهن جن جي هيل تائين ڪنهن ڪهڙي نموني سار لڌي آهي تنهن طرف نٿا وڃڻ چاهيون پر هن سان گڏ هڪ انسان دوست شخص فقير اشفاق منگريو جون هتي خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن هي نوجوان پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ٻوڏ متاثرن جي جنهن نموني سان سار لڌي آهي تنهن کي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا سوشل ميڊيا تي هتان جي ماڻهن تمام گهڻو ساراهيو آهي پاڻ ڇاڇرو روڊتي موجود پنهنجي مارڪيٽ ۾ مين روڊ تي هڪ وڏي وقت تائين ٻوڏ متاثرن کي رات توڙي ڏينهن بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي کارائيندو رهيو ته ان سان گڏ وري جڏهن طوفاني برساتن ۾ ويهرو ڀرسان بجلي جا پول ڪريا ته هو بجلي جي بحالي لاءِ تمام گهڻو سرگرم نظر آيو جڏهن علائقائي انتظاميه اکيون پوري ڇڏيون ته فقير اشفاق منگريو حيدرآباد کان واپڊا جي خصوصي ٽيم عمرڪوٽ وٺي آيو ۽ پنهنجي جيب جا خرچ ڪري ٽيم کي رهائش ڏئي ڪريل ٿنڀا لڳرايا بجلي بحال ڪرائي سندن جي سماجي سيوا جو سلسلو تمام اڳتي تائين وڃي ٿو جڏهن پاڻ حيدرآباد يونيورسٽي ۾ زير تعليم هئا ته اتي غريب شاگردن جي ڇپر ڇانوءِ بڻيل رهيا فيس جا مسئلا هجن رهائش جا يا وري غريب بي يارو بڻيل اسپتالن جي بيڊن تي پيل مريضن جا انهن کي بلڊ فراهم ڪرڻ سان گڏ مفت ۾ اعلاج ۽ سهولتون ڏيارڻ تائين هي فقير صفت انسان پنهنجي ليکي سرگرم ۽ جاکوڙيندي نظر آيو جيڪي سندن جون ڪاوشون وسارڻ جوڳيون نه آهن پاڻ روحاني طبيت رکندڙ ۽ حساس دل جا مالڪ آهن جتي به انسانيت جي پڪار ٿيندي آهي ته اتي بي ڌڙڪ ٿي پهچي وڃن ٿا سندن جي سماجي خدمتن جو تمام وڏو سلسلو آهي جيڪو ڄامشورو کان وٺي ڪارونجهر ۽ عمرڪوٽ جي وارياسي ڀٽن تائين ڦهليل آهي ته ان سان گڏ نوجوانن کي تعليم ڏيارڻ جي حوالي سان ۽ انهن جي همت افزائي ڪرڻ جي ميدان ۾ فقير اشفاق منگريو تمام گهڻو اڳڀرو نظر آيو آهي اهو ئي سبب آهي جو سندن کي تمام ننڍڙي ڄمار ۾ بي پناهه محبتون مليون آهن ۽ پاڻ اڪثر طور تي انهن ڳالهين جو اعتراف به ڪندو رهي ٿو ته اڄ جيڪي ڪجهه آئون آهيان وڏن جي دعائن ۽ الله سائين جي ڪرم سان آهيان مونکي جيڪي محبتون هن سماج ڏنيون آهن سي منهنجي ڄمار جو وڏو اثاثو آهن آئون انهن محبتن کي سانڍ رکان ٿو جيڪي مونکي وڌيڪ جيئڻ جي سگهه بخشن ٿيون فقير اشفاق منگريو هر ڏکئي ويل ڪنهن به قسم جو ڪٿي به ڪنهن مظلوم سان مسئلو هجي انهي سان گڏ حق سچ جو آواز کڻي پڙڏاءِ بڻجي گونجيو آهي ۽ اڪثر پاڻ انهن جي آواز بڻجي انهن جا مسئلا حل ڪرايا آهن سندن جي سرير ۾ انسانيت جا سنهري خواب سرجن ٿا ۽ هو اڪثر اها هدايت ڪري ٿو ته ماڙيون ۽ بنگلا تعمير ڪرائڻ بجاءِ پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياريو انهن کي پڙهايو جيڪر انهن کي اوهان نه پڙهايو بنگلا ۽ ماڙيون اڏيون ته سڀاڻي اهي ساڳيان کپائي ڇڏيندا جيڪر انهن کي پڙهايو ته اهي ڪيئي ماڙيون ۽ بنگلا اڏائڻ سان گڏ اوهان جو نالو به روشن ڪندا سندن جون خوبيون بي تحاشه آهن ۽ پاڻ انهن خوبين ڪري امراڻي جي ماڻهن جي دلين ۾ راڄ ڪري ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں