سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنجيده ناهي:قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ هن وقت انتهائي مشڪلاتن ۽ بحرانن مان گذري آهي. برساتن سبب سنڌ ۾ جيڪا ٻوڏ واري صورتحال آئي ان ۾ سنڌ حڪومت مڪمل لاتعلق رهي اڄ به سنڌ جا ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ مڪمل پاڻي هيٺ آهن. ماڻهو انتهائي مصيبتن واري زندگي گذاري رهيا آهن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي دادو ضلعي کان آيل ايس يو پي جي اڳواڻن عبد الحميد سومرو، اسماعيل چانڊيو ،ڪرم علي ڏيپر ،عبد المجيد کوسو ۽ ٻين پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت واري اعلان وقت کين ڀليڪار ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته برسات ضرور قدرتي پئي آهي موسمي تبديلي سبب سڄي دنيا ۾ موسمون هيٺ مٿي ضرور ٿيون آهن پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي ماڻهن جون زندگيون۽ اجھا بچائڻ رياست جو فرض هوندو آهي جئين دنيا جي باقي ملڪن ۾ ٿئي پيو. پر اسان وٽ هنن حڪمرانن نه صرف عوام سان لاتعلقي ۽ بي ڌياني جو مظاهرو ڪيو آهي پر رٿابندي سان سڄي سنڌ کي ٻوڙيو ويو آهي. ٻئي پاسي سنڌ جا 16 لک ايڪڙن تي بيٺل ٻيلا مڪمل ختم ڪري زمينون پنهنجي ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن جنهن سبب سنڌ جو فطري ماحول سخت متاثر ٿيو آهي. سنڌ اربين کربين روپيا ٽيڪس ڏئي ٿي پر اتي ڪابه بنيادي سهولت ناهي. صحت، تعليم، روزگار ، انفرااسٽرڪچر سميت سمورين بنيادي سهولتن کان وانجھيل آهي. ماڻهو هڪ ويلو کائڻ جي لاءِ پريشان آهن. برسات متاثرين سان سروي جي نالي ۾ مذاق ڪيو پيو وڃي. اها هنن جي سروي جڏهن ختم ٿيندي تيستائين متاثرين جا سردي ۾ لاه نڪري ويندا. هن چيو ته حڪومت کي برسات متاثرين جي بحالي لاءِ سنجيدگيءَ ڪرڻ گهرجي جن جا اجھا ڊهي ويا آهن انهن کي 20 لک روپيا ڏنا وڃن جئين اهي پنهنجا گهر جوڙي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ انتظاميا کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي باقي خوف حراس پکيڙي اسان کي شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڪيس تان هٿ نٿو کڻائي سگهجي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين گلزار سومرو ، قادر چنا ، جان محمد جوڻيجو ، سرواڻ مگسي ، عرفان بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں