رياض ابڙو
سياست ۾ سڀ ساڳيون ڳالهيون ٿا ڪن، ڦري گهري اهي ئي حوال ٿا ڪن ڇو ته ظلم رڳو انهن سان ٿو ٿئي جيڪي مخالف ڌر وارا هجن ٿا ۽ عوام ته هر پارٽيءَ جي دورِ حڪومت ۾ جنت ۾ هجي ٿو، ان ڪري ملڪ جي ڳڻتي ۽ سُور رڳو انهن سياسي ڌرين کي هجي ٿو جيڪي مخالف ڌر ۾ هجن ٿا ان ڪري ملڪ به انهن مخالفن کي ٽٽندي نظر ٿو اچي ۽ مهانگائي به انهن سياسي مخالفن کي نظر ٿي اچي يا ڪرپشن به انهن جي نظر ۾ ڪرپشن آ جيڪي ڪرسيءَ تان لهي ٿا اچن پر انهن سرڪاري ڌرين کي قطعي نظر نه ٿو اچي مثال جيئن پي ٽي آءِ وارن کي پنهنجي دور ۾ مهانگائي نظر نه ايندي هئي ۽ مهانگائي رڳو مخالفن لاءِ هوندي هئي تيئن ئي هاڻي به ساڳي ڪار آ ته شهبازسرڪار کي مهانگائي نظر نه ٿي اچي يا وري مخالفن کي سدائين هڪ ڳڻتي يا بليڪ ميلنگ هوندي آ ته اليڪشن نه ٿيندي، ۽ حڪومتي ڌريون اليڪشن ۾ هٿ وٺي دير ٿيون ڪن، ۽ اليڪشن ڪرائڻ حڪومتي اختيارين جي نيت ۾ ناهي، ۽ اليڪشن نه ٿي ته مارشلا لڳي ويندي ۽ وري ساڳيون ڳالهيون اهي ئي پي ڊي ايم وارا به ڪندا هيا ته هي عمران خان اليڪشن نه ڪرائيندو يا هي چاهي ٿو ته ٻه ٽينيوئر هڪ ڌڪ ۾ ڪڍي وڃان يا آرمي جي لڪيل سپورٽ عمران خان جي حق ۾ رهندي اچي يا هي هاڻي ڪرسيءَ تان ڏکيو لهندو يا عسڪري ادارا چاهن ٿا ته عمران خان کان وڌيڪ ڪو ايماندار ناهي يا هاڻي هي ملڪ کي هلائي ويندو.
يا عمران خان کان اها ڳالھ پڇجي ته توکي ڀلا اسٽبلشمينٽ ڇو سليڪٽ ڪيو ته فورن چوندو ته مون کي خبر ناهي ته پهرين مونکي اسٽبلشمينٽ ڇو سليڪٽ ڪيو هيو يا اها به حقيقت آ ته اچڻ سان خان جي ذهن ۾ هڪ سي ڊي فٽ ۽ فڪس ڪئي وئي هئي ته تون رڳو چورچور ڪجانءِ ۽ ائين ڪري تون زرداري ۽ نوازشريف کي سياست مان ختم ڪري ڇڏيندين ۾ ڪامياب سياست ڪري ويندين، يا عمران خان کان اهو سوال ڪجي ته پي ٽي آءِ جا ساڍا ٽي سال ڪيئن گذري ويا يا حڪومت اصل ۾ هلائي ڪير پيو ته جواب ڏيندو ته مونکي خبر ناهي، يا عمران خان کان اهو سوال ڪجي ته گوگي ۽ جهانگيرخان ترين کنڊ، مني لانڊرنگ، اٽي ۽ دوائن جي شارٽيج ۾ ملوث هيا ۽ انهن تمام گھڻي ڪرپشن ڪئي ۽ جيڪو جهانگيرخان ترين عمران خان جي چونڊن ۾ خرچ ڪيو اهي پئيسا ڪڍي ويو ان ڪري جو ”ترن جو تيل ترن مان ئي نڪرندو آ“ ته خان موٽ ۾ جواب ڏيندو ته مون کي خبر ئي ناهي ته انهن ڪا ڪرپشن به ڪئي آ، پر ڳالھ خان جي سياسي اڻ ڄاڻائيءَ جي به آهي ته جنهن اڳواڻ کي اها خبر نه ٿي پئي ته ان جي نڪ جي هيٺان ڇا ٿو ٿئي يا خان کي جيڪو سليڪٽ ٿو ڪري ته ان جي نيت ڇاهي يا هن پنهنجي دور ۾ رهي پنهنجي سياست به پختي نه ڪئي پر رهندو ڪندو نفرتون ڦهلائي سياسي انارڪيون وڌائي ۽ پنهنجي بي سبب دشمني پيدا ڪري سياست ۾ نوان محاذ کولي هليو ويو يا هن شخص کي اها به خبر ناهي ته 33 بل رات پيٽ ۾ پاس ڪيئن ڪرايا ويا يا خان جو برين واش ٿيل هيو ته اهي 33 بل هر حال ۾ پاس ڪرائڻا آهن جنهن ۾ نيب کان وٺي اي وي ايم جا بل شامل هيا يا جنهن دور ۾ صدارتي آرڊيننس به شامل هيا جنهن ۾ خان کي ڀلي ڀَتِ اها به خبر هئي ته ساحلي پٽي ۾ ڇا ٿيندو يا ڇا ٿيڻ گهرجي يا هن کي اها به خبر نه هئي ته ڊالر ڇو ٿو وڌي يا مهانگائي ڪيئن ٿي ٿئي، بجيٽ ۾ اضافي ٽيڪس ڇو ٿا لڳن يا بجيٽ ۾ اهي سڀ شيون ممڪن ڪيئن ٿيون ٿين ته پوءِ هاڻي اها به دعوي ٿو ڪري ته هن کي اڳ جهڙي حڪومت نه کپي جنهن ۾ هن وٽ اختيار نه هيا ۽ هاڻي هن کي اهڙي بااختيار سرڪار کپي جنهن ۾ هي خان حڪومت هلائي وڃي يا هلائي سگهي پر ائين ممڪن ناهي.
ڳالھ ته اها به آهي ته ڪهڙي حڪومت آ جيڪا اسٽبلشمينٽ جي اشارن تي نه ٿي هلي يا اهڙي حڪومت جنهن ۾ عسڪري مداخلت نه ٿي هجي يا اهڙي حڪومت جنهن ۾ مخالف ڌر وارا نه هجن يا ڪجھ به نه چون يا اهي ڪو اُف به نه ڪري، ڇو ته خان جهڙي شخص جي ذهن ۾ اهو به ويٺل آهي ته جيڪي 13 مخالف پارٽيون آهن اهي سڀ گرائونڊ ڇڏي ڀڄي وڃن ۽ هي اڪيلي سر حڪومت ڪري يا هي ڪنهن کي به برداشت نه ٿو ڪري سگهي يا جيڪي به اسٽبلشمينٽ ۽ عسڪري قوتون آهن اهي هن جي ماتحت هجن ۽ هي سڀني تي حڪم هلائي ۽ ڪير به هن کي ڪجھ نه چئي، ان ڪري سياست ۾ اهي ڳالهيون ڪجن جنهن ۾ سياسي بصيرت به هجي ائين ناهي ته هن جي چيل هر شيءِ پٿر تي ليڪو آ ۽ جيڪي ٻيا سياست ٿا ڪن اهي غلط ٿا ڪن (هتي شهبازسرڪار جي حمايت يا پي پي جي حق ۾ قصيده نه ٿا پڙهجن پر ڳالھ حق جي ٿي ڪجي) ڇو ته سياست ۾ ايتري گڙٻڙ ٿي چڪي آ ته جي عمران خان ڪرسيءَ تي ناهي ته معني حڪومت ڪرپٽ آ، حڪومت نااهل آ يا هي سڀ 13 پارٽين وارا ڪنهن به صورت حڪومت نه ٿا ڪري سگهن، پر عمران خان کي جيڪڏهن جمهوريت جي ڳالھ بحال رکڻي آ ته ڳالھ به جمهوري طريقن واري ڪري يا جي هي ايترو مضبوط سياسي اڳواڻ آهي ته 13 پارٽين جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي شهبازسرڪار جي ڪرسي آئيني طريقي سان اونڌي ڪري پر هن خان ۾ هڪ زبردست خرابي اها به آهي ته هي جي ڪرسي تان لهي ٿو ته روڊن جو رخ ٿو ڪري ۽ سمجهي ٿو ته ٻي ڪا واھ ناهي ۽ ائين ڪنٽينر تي چڙهي رڳو رڙيون ڪجن ته حڪومت، اسٽبلشمينٽ، عسڪري ادارا ۽ مخالف ڌر هڪ آهن، ۽ ان ڪري پي ٽي آءِ انهن سڀني مان ڇوٽڪارو ٿي چاهي ۽ اهو به چاهي ٿي ته خان کي الڳ گرائونڊ ڏنو وڃي ته جيئن هي اڪيلي سر ميچ کيڏي ۽ هي جي مخالفت ۾ ڪير به نه هجي ان ڪري ته هن جي پاسي ۾ بيٺل سڀ وزير ساڌو آهن هي رڳو زرداري ۽ نوازشريف کي چور ٿو سمجهي.
پرشارٽ لانگ مارچ سواءِ اسلام آباد جي ڊي چوڪ جي پنجاب جي ٻين شهرن ۾ ڦري ڦري اتي ئي ختم ٿي ويو ڇو ته لبرٽي چوڪ کان ڊي چوڪ تي پڄڻ ڄڻ پي ٽي آءِ جي لاءِ ڪا پلصراط هئي يا هاڻي خان آمريڪي غلاميءَ جون زنجيرون لاهي ڦٽي ڪندو ۽ هاڻي خان ديده دليريءَ سان حڪومت، آمريڪا ۽ دنيا جي ملڪن سان مقابلو ڪندو يا خان لانگ مارچ جي ٻي ڪهڙي ايجنڊا هئي؟ يا ڪهڙي نعري تحت لاهور جي لبرٽي روڊ تي عوام گڏ ٿيو يا خان کي تاحيات وزيراعظم بڻايو وڃي يا جيئن هي چاهي تيئن عسڪري ادارا ڪن يا ”رِي ايڪٽ“ ڪن يا هن جي مرضي کانسواءِ ادارا ڪم نه ڪن، سپريم ڪورٽ هن کان پڇي سڀ فيصلا ڪري يا هن جي مٿان جيڪي به ڪرپشن جا ممڪن ڪيس آهن اهي ختم ٿين، توهينِ عدالت واري ڪيسن ۾ هي آلِ نال هجي يا هي جنهن به جسٽس کي چاهي گھٽ وڌ ڳالهائي ان ڪري ته هي رڳو انقلاب روا آهي يا هن کانسواءِ ماڻهن کي نه ٿو دين سمجھ ۾ اچي نه ٿو ڪو دنيا جو ڪم سمجھ ۾ اچين يا ماڻهو هن شخص جي آسري ويٺا هيا ته جيئن عمران خان چئي تيئن ٿئي ان ڪري هاڻي سواءِ عمران خان جي ملڪ ۾ سياست ممڪن ناهي يا عسڪري ادارن ۾ جيڪي به برٿيون ٿين اهي عمران خان جي مرضي سان ٿين يا ڊي جي آءِ ايس آءِ به هن جي مرضيءَ جو لڳي يا صدر هن جي مرضيءَ سان صدارتي آرڊيننس ڪڍندو رهي ۽ هي سواءِ ڪنهن سمجھ سوچ جي حڪومت ڪندو رهي يا جيئن هي چئي تيئن ٿئي يا سابق چيف جسٽس کي واپس رکن، نيب چيئرمين جاويد اقبال واپس اچي ُعره وغيره پر ڳالھ اها به آهي ته خان جيڪا پنهنجي سموري ٽيم چونڊي هئي جيڪا هن وڏي جوش ۽ خروش سان سليڪٽ ڪئي هئي سا به هن جي لاءِ ڪم جي نه نڪتي ۽ هن گرائونڊ مان اهي سڀ ٻارنهان ۽ رٽايرڊ کلاڙي چونڊيا جيڪي اسٽبلشمينٽ جا ”بليو آئيڊ بواءِ“ به هيا يا سابقه وزير سي هن جا پسنديده ٿي ويا يا سمجهي پيو ته انهن سڀني شخصن ۾ لڪي يا ”هائيڊ آئوٽ“ جوڙي هي سرڪار هلائي ويندو، يا عمران خان جو رڳو اهو نعرو آ ته ”مين نهين تو کوئي بهي نهين“ يا هي هوندو ته حڪومت به هلندي، جي نه هوندو ته ملڪ اونڌو ٿي ويندو، پر خوف اهو به آهي ته هن جي جنوني ۽ خوني سياست ملڪ کي ڪنهن اهڙي اونده ۾ گهلي ويندي جنهن مان ملڪ کي نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو، ان ڪري لانگ مارچن، جلسن، جلوسن ۽ ڌرڻن جي سياست نه ڪجي ۽ ان تي پابندي مڙهي وڃي ان ڪري ته جڏهن چونڊُن ويجهيون هجن ته اهڙا جلسا جلوس به ڪجن يا ممڪن هجن پر اسان ته سياسي بهارون سڄو سال هلنديون رهن ٿيون پر ملڪي حالتن جي پٽاندر اهڙي تعميري سياست ڪجي جنهن مان ملڪ کي دور رس فائدو ٿي سگهي ۽ ماڻهو روڊن جي بجاءِ ڪنهن ڪم ڌنڌي جي ڪن ته جيئن معيشت به بحال ڪري سگهجي ۽ سياست به پائيدار ڪري سگهجي.
