ڄامشورو ( ڊ ر) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌ جي نامور عالم، اديب، استاد ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس مزار تي حاضري ڀري وئي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون ويون. هن موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجو، مدد علي سنڌي، تاج جويو، نصير مرزا، علي دوست عاجز، مرتضي سيال، ساجد ميمڻ، محسن جويو، گلشير ڪوريجو، محمد علي گهانگهرو، خالد آزاد، زاهد اوٺو، سليم جروار، علي نواز آريسر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر اسحاق سميجي، تاج جويي، محسن جويي، نصير مرزا ۽ ٻين سائين محمد ابراهيم جويي جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي ۽ کيس خراج پيش ڪيو. ٻئي طرف نامياري عالم ، اديب، ۽ ڏاهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين محمد ابراهيم جويو جي پنجين ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيد الزمان “عاطف” پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جو جتي به ذڪر ايندو اتي ٻين اهم نالن سان گڏ محمد ابراهيم جويو جو نالو به ضرور ايندو. هن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي سنڌي ادبي بورڊ سان ان حد تائين محبت هئي ته هن آخري ڏهاڙن ۾ پنهنجي ذاتي لائبريري سنڌي ادبي بورڊ حوالي ڪئي. محمد ابراهيم جويو جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، محمد ابراهيم.جويو جي خدمتن کي جيترو ياد ڪجي اوترو گهٽ آهي پاڻ ڪيترن ئي ڪتاب جا مصنف ۽ مترجم به رهيو ۽ شروعاتي دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
