شرم الشيخ (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماحولياتي انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ملڪ گڏيل ذميواري کڻن. مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪاپ 27 جي ميزباني تي مصر جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، فورم انسانيت جو آواز بڻجي اڀريو آهي. هن هلندڙ سال ماحولياتي تبديلين جي پاڪستان تي پوندڙ اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته غير معمولي برساتن سبب ٻوڏ سان وڏي تباهي ٿي، 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو سخت متاثر ٿيا، روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ تباهه ٿيا، نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ماحولياتي تبديلي جي نقصانن سان متاثر ملڪن لاءِ وسيلا گهربل آهن، اسان ڪيترن ئي سالن کان ان اهم مسئلي تي بحث ڪري رهيا آهيون پر ڪو سٺو نتيجو ناهي نڪتو. وزيراعظم چيو ماحولياتي انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ملڪ گڏيل ذميواري کڻن، جنهن لاءِ گلوبل رسڪ انڊيڪس قائم ڪرڻ ضروري آهي.
