نوابشاھ (ڊ ر) ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ وڏو ووٽ بينڪ رکندڙ پ پ سان لاڳاپيل رند برادري جي اهم شخصيتن جو نوابشاھ ڀرسان ايئرپورٽ روڊ الغني ڪالوني ۾ اهم ميڙاڪو ٿي گذريو ضلعي ۾ اهم حيثيت رکندڙ برادري کي مقامي قيادت پاران مڪمل طور نظر انداز ڪرڻ باوجود پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو جڏھن تہ ميڙاڪي ۾ ضلعي شھيد بينظير آباد جي مختلف ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن کان وڏي انگ ۾ برادري جي نيڪ مردن شرڪت ڪئي انھي موقعي تي پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل رند برادري جي اڳواڻن مينھان خان رند، سڪندر حيات رند، دوست علي رند، يوسي هوت فقير جي چيئرمين رجب علي رند، نور احمد رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي اندر رند برادري جو وڏو ووٽ بينڪ موجود آهي جنهن جي اڪثريت پاڪستان پيپلزپارٽي سان آهي يوسي سطح کان وٺي ضلعي ليول تائين سموري برادري کي مقامي قيادت جي رويي سبب مسلسل نظر انداز ڪيو ويو آهي هنن چيو ته مڪاني چونڊن تنظيم سازي ترقياتي اسڪيمن نوڪرين سميت برسات جي نقصانن ۾ پڻ ڪابه مدد نه ڪئي وئي آهي هنن چيو ته اسين پ پ جا نظرياتي ڪارڪن آھيون اسان جو جيئڻ مرڻ پ پ سان گڏ آهي جيتوڻيڪ پ پ جي مقامي قيادت جي روين سان رند برادري مايوسي جو شڪار آهي ليڪن انهيءَ باوجود پارٽي سان گڏ آهيون.
