نوشهروفيروز: سنڌو نواز گھانگھرو پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌرڻي جو اعلان

نوشهروفيروز (ڊ ر) سياسي، سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو پاران نوشهروفيروز مان گندو ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سومر ڏينھن ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه ھٿ وٺي نوشهروفيروز کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. شھر گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهي ته ٻهراڙيون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن جنھن سبب عوام جي زندگي مفلوج بڻيل آهي. ماڻھن ۽ چوپائي مال کي کائڻ لاءِ خوراڪ ناھي. ماڻھو ۽ جانور بيمارين ۾ ورتل آھن. سياري جي موسم ۾ ماڻھن کي مٿو ڍڪڻ لاءِ ڇت ناھي، ھزارين نياڻيون ۽ مائرون روڊ ڪنڌي تي ويٺل آھن. پر سنڌ سرڪار ۽ ضلع انتظاميه سندن سار لھڻ لاءِ تيار ناھي. زرداري ليگ نوشهروفيروز لاءِ ضيا لنجار کي وائسراءِ مقرر ڪري ڇڏيو آھي جيڪو اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آھي. ڊي سي ۽ چونڊيل نمائيندہ عوام جي خدمت بجاءِ ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آھن. جنھن ڪري عوام جي زندگي عذاب ۾ آھي. ھنن چيو ته ھي سڄو ھفتو سجاڳي مھم ھلائي ويندي، سياسي، سماجي ڌرين، واپارين، دوڪاندارن ۽ ساڃاھ وندن سان ملي کين احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي ۽ سومر ڏينھن ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں