خيرپور (ڊ ر) ناري فائونڊيشن سنڌ پاران آءِ او ايم ۽ يو ڪي ايڊ جي گڏيل سهڪار سان تعلقو ٺري ميرواهه يونين ڪائونسل سانيسو جي مختلف ڳوٺن جي 1458 گهرن جي ماڻهن کي ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو ته جيئن هو پنهنجي گهر کي عارضي طور تي سردي کان محفوظ ڪري پنهنجي خاندان کي چوديواري ۾ ڪجهه محفوظ رکي سگهن،ناري فائونڊيشن جي انور مھر ۽ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن جي غريب فيمليز کي ٽينٽ ۽ ٻيو ضروري سامان ڏنو پيو وڃي، ناري فائونڊيشن جي پروگرام جي ڪوآرڊينٽر شازيا عباسي ۽ڪوآرڊينٽر امجد ٻڌايو ته ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺن جي گھر گھر سروي ڪري انهن غريب گهراڻن جي خاندانن کي سامان ڏنو ويو جنهن جا گهر بارش ۽ سيلاب جي ڪري مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن انهن کي هي سامان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ خاص ڪري بيواهه عورتون، معذور ماڻهون ۽ اقليتي برادري جا خاندان شامل هئا سامان جي ورهاست واري تقريب ۾ علائقي جي سماجي اڳواڻ عبدالجبار اسلامي پڻ شرڪت ڪئي ۽ برسات متاثرين ۾ سامان پڻ ورھايو جڏهن ته ناري جي ٽيم ممبرن صغران، سائرا ۽ فرحان علي پڻ شرڪت ڪئي.
