سڊني (م ڊ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي ستن وڪيٽن تان هارائي فائنل ۾ پهچي ويو . سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرئين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان 152 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي اننگز جي شروعات ۾ شاهين اوپنر فن ايلن کي پهرين اوور ۾ 4 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاور پلي جي پڄاڻي تي ڇهين اوور جي آخري بال تي شاداب ڊيون ڪنوي کي رن آئوٽ ڪري نيوزيلينڊ کي بيڪ فٽ تي وڃڻ تي مجبورڪري ڇڏيو . محمد نواز ان فارم گلين فلپس کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته ڪپتان وليمسن شاهين جو شڪار ٿيو. نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 53 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو جڏهن ته ڪين وليمسن 46 رنسن جي اننگز کيڏي. پاڪستان جي شاهين شاهه زبردست بالنگ ڪندي چئن اوورن ۾ 22 رنسن عيوض ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته محمد نواز جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. نيوزيلينڊ جي 153 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙيندي قومي ٽيم جي اوپنرن زبردست راند جو مظاهرو ڪيو ۽ آئوٽ آف فارم بابر اعظم نيٺ ايونٽ جي اهم ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪري پاڪستان جي ڪاميابي جا بنياد رکيا، هو 42 بالن تي ست چوڪن جي مدد 53 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. محمد رضوان ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي محمد رضوان 57 رنسون ٺاهي بولٽ جو ٻيو شڪار بڻيو جڏهن ته محمد حارث 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. شان مسعود 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو .
