ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران گرينڊ هيلٿ الائنس پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي به ڌرڻو جاري آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران ڌرڻي واري هنڌ پوليس جي وڏي نفري به موجود آهي ۽ وزيراعلي هائوس طرف ويندڙ رستن تي واٽر ڪينن گاڏيون بيهاري پوليس اهلڪار الرٽ بيٺل آهن. گرينڊ هيلٿ الائنس جون ڪمشنر ڪراچي سان به ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، جنهن بعد اڄ کان گرينڊ هيلٿ الائنس پاران ٻيهر آرٽس ڪائونسل روڊ بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. احتجاج ۾ مختلف شهرن مان آيل عورت ملازم به ويٺل آهن، سندن چوڻ آهي ته جيستائين مطالبا تسليم نه ٿيندا ڌرڻو جاري رهندو.
