ڪڍڻ (ن س) برساتن کي ٽي مھينا گذري وڃڻ باوجود به اسان جي زمينن ۽ گھرن مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، اسان غريب ڳوٺاڻا پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ھن سال چيٽ جي فصل جي پوکي کان به محروم ٿي آهيون. ڳوٺ فقير محمد چانڊيو ڳوٺ غلام علي چانڊيو دليل خان چانڊيو دريا خان چانڊيو ۽ ڊاڪٽر مصري خان چانڊيو جي ڳوٺاڻن غلام مصطفيٰ چانڊيو، گل محمد چانڊيو، لياقت چانڊيو، قاسم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪڍڻ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن چيو ته اسانجا ڳوٺ برساتي پاڻي جي گھيري ۾ آھن برساتن کي ٽي مھينا گذري ويا آھن جنهن لاءِ اسان ڊي سي بدين اسٽنٽ ڪمشنر بدين مختيار ڪار بدين سميت چونڊيل نمائندن کي بار بار شڪايتون ڪيون آھن پر اڃان تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو بااثر وڏيرو ۽ سندس ڪمدار وريام عرف ورو چانڊيو اسانجي پاڻي جي قدرتي لنگه کي بند ڪري اسان سان ذيادتي ڪري رھيا آھن سندن زيادتين خلاف هيڏا سارا احتجاج ۽ مظاھرا ڪرڻ جي باوجود به اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي ۽ ھاڻي اسان وٽ پنهنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ کان سواء ڪو به رستو ناهي بچيو هنن ڊي سي بدين ۽ وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.
