گهوٽڪي: محمد بخش خان مهر جون ضلعي جي مختلف علائقن ۾ عذرخواهيون چانھ پارٽي ۾ شرڪت

گهوٽڪي (رپورٽ: ذوهيب اياز دايو) پ پ ايم اين اي ۽ مهر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش خان مهر جون گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ عذرخواهيون ۽ پ پ اڳواڻ جي چانھ پارٽي ۾ شرڪت , پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر اوٻاوڙو پهچي ڪمال دين مهر سان سندس والد جي وفات تي عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , جنهن بعد پ پ ايم اين اي ڏهرڪي ۾ ذوالفقار علي وڙائچ سان والد ۽ ٻيروٽا جي شر هائوس تي شهيب خان شر سان سندس والده جي وفات تي عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , بعد ۾ چيف سردار محمد بخش خان مهر پ پ اڳواڻ دادن خان مهر جي رهائش گاھ تي پهچي چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر چيو ته اسين هميشه پنهنجي علائقي جي هر ڏک ۽ سک ۾ گڏ آهيون، جنهن ڪري علائقي جو عوام اسان سان بيحد محبت ڪري ٿو. ان موقعي تي چيف سردار سان مير خان مهر , غلام رسول خان مهر , بگو خان مهر , سيد پرويز شاھ ۽ ٻيا سندس گڏ هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں