اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي لئنڪ روڊ تان 10 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل 18 سالا نوجوان چاچو محمد صادق پنهور ۽ ٻن ڀائٽين 13 سالا مھتاب پنهور ۽ 9 سالا شهباز پنهور راڄوڻي ڪوششن ذريعي ڌاڙيلن جي چمبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن نينگرن جي بازياب ٿيڻ بعد سندن وارثن سرهائي اچي وئي آهي ۽ سندن وارثن ۾ خوشي وارو ماحول ڇائينل آهي جڏهن ته بازياب ٿيل مغوين ٻڌايو ته اسان مٿان ڌاڙيل ڀنگ ڏيڻ لاءِ سخت تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا الله پاڪ جو شڪر آهي جو نئين زندگي ملي آهي جڏهن ته ڪجھ ڏينهن اڳ ٽنهي مغوين جي بازيابي لاء پوليس رانوتي ڪچي اندر ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو هو ۽ پوليس پاران ڪچي اندر ڪئمپ قائم ڪئي وئي هئي جنهن دوران بدنام ڌاڙيل راهب شر ۽ ان جي ٽولي پاران پوليس ڪئمپ مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو سميت پنج اهلڪار ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويا هئا ۽ هڪ ايس ايڇ او سميت چار اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا جن جو ڪيس رانوتي جي 100 ڌاڙيلن مٿان سرڪار جي فرياد تي رانوتي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ 70 ڌاڙيلن جي سڃاڻپ ڏيکاري وئي هئي جڏهن ته اڄ ٽنهي مغوين کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ڪشمور واري علائقي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن ۽ علائقي ۾ ڀنگ ڀرڻ جا چئوٻول آهن
