جيڪڏھن چونڊيل نمائنده ڀرجهلا ٿي پون

قاضي جاويد سنائي
پ پ MNA ذوالفقار علي بهڻ ۽ پ پ MPA مير نادر علي مگسي
ڪڏھن ڪڏھن ڪي واقعا، حادثا ، اتفاق ، ڪچهريون يا ملاقاتون زندگيءَ ۾ کوڙ ساريون يادگيريون ڇڏي وينديون آهن ۽ ٻئي پاسي وري جيڪي عام تاثر جڙيل هوندا آهن انهن تي به اسين تحقيق ڪرڻ بجاءِ ڳنڍ ڏئي بيهي رهندا آهيون مثال طور اسان وٽ عام تاثر آهي ته سياستدان اليڪشن کانپوءِ پنهنجي چونڊ تڪ ۾ مرڻي پرڻي کانسواءِ نٿا اچن ۽ نڪو وري پنهنجن جي اوکيءَ ويل ڪا واهر ڪن ٿا اها الڳ ڳالھ آهي ته اهو تاثر بلڪل حقيقت جي ويجهو ضرور آهي پر پنج ئي آڱريون برابر ناهن خير بطور هڪ ليکڪ واري تجسس جي اک سان سنڏ جي ٻن چونڊيل نمائندن کي بلڪل الڳ ٿلڳ ڏٺو توڙي جو ٻنهي سان منهنجو ڪو واسطو ناهي رهيو صرف هڪ هڪ ملاقات آهي سا به ڪنهن دوست جي ڪم سانگي وڃڻ تي سوچيم ته سياستدانن جي ڪوتاهين تي لکندا رهندا آهيون پر سندن چڱائيءَ وارو پاسو به ظاهر ٿيڻ گهرجي اهو سوچي مورو مان چونڊيل ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ ۽ شهدادڪوٽ مان چونڊيل ايم پي اي نوابزاده نادر علي مگسي جي باري ۾ ڪجھ اوهان پڙهندڙن سان ونڊ ڪيان ٿو ڪجھ مهينا اڳ اسان جي شهر سڪرنڊ جي هڪ ديوان سيٺ ڪيلاش مل جو هڪ واپاري سان ڏيتي ليتي جو مسئلو ٿيو ڪنهن چيو ته ذوالفقار علي بهڻ حل ڪري سگهي ٿو ڪيلاش مون تائين پهتو ۽ حقيقت ٻڌائي پر مون کيس چيو ته ذولفقار بهڻ سان منهنجو تعلق ناهي پر ديوان سيٺ ڪيلاش پاڙي جو به هو ته وڏن کان وٺي خانداني لاڳاپا به هئا سو کيس آسرو ڏنم ته ڪوشش ڪيون ٿا ايئن اسان جي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صحافي منصور لغاري جو ايم اين اي بهڻ سان واسطو نڪري پيو سو وڃي وٽس پهتاسين کيس حقيقت کان آگاھ ڪيوسين ان تي ڪون ٿو لکان صرف جنهن شيءِ متاثر ڪيو اها اوهان کي ٻڌايان ته جنهن بنگلي تي ساڻس ملڻ وياسين اتي سندس ماڻھن سان ملڻ ڏاڍو متاثر ڪيو پاڻ وٽ ايئن ٿيندو آهي ته صاحب ننڍي ڪمري ۾ هوندو آهي خلق ٻاهر ويٺل هوندي آهي هاڻي صاحب جي نوڪر جي مرضي تي هوندو آهي ته اندر ٻڌائي نه ٻڌائي پنهنجي مرضي تي موڪلي نه موڪلي پوءِ ڀلي ڪترو به معتبر ڇو نه هجي پر ان نوڪر وٽ سندس اهميت برابر هوندي آهي پر ذوالفقار بهڻ وٽ وري بلڪل ابتو معاملو هو ماڻھو مختلف ڪمرن ، پارڪن يا بنگلي ۾ مختلف ھنڌن تي ويٺل هئا جن کي گهرائڻ جي ڪابه ضرورت نه پئي بلڪه مونکي جنهن ڳالھ حيران ڪيو ته ايم اين اي نمبر وائيز سڀني وٽ الڳ الڳ سندن ويٺل جاين تي وڃي ساڻن مسئلا معلوم ڪيا جڏھن ته ڪو کٽ تي ڪو ڪرسيءَ تي ڪو وري پارڪ ۾ پٽ تي پر هي به انهن سان کٽ ته کٽ پٽ ته پٽ ڪرسي ته ڪرسي اها ڳالھ عوام جي عزت نفس کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي هوڏانهن وري ايم پي اي نوابزاده مير نادر علي خان مگسي جي باري ۾ به ڪجھ اهڙو ئي رويو جيڪو مون محسوس ڪيو اسان جي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صحافي حاجي عبدالله مگسي ڳالھ ڪئي ته 8 نومبر نوابزاده مير نادر علي خان مگسي جو جنم ڏينهن آهي مير صاحب اسان جي برادريءَ جو ڇپر ۽ ڇانوَ آهي ۽ منهنجو محسن آهي دل چوي ٿي ته ان جو جنم ڏينهن ملهائجي چيم ڀلي ڳالھ آهي پر عبدالله چيو ته جنم ڏينهن نوابزاده وٽ هلي وڃي ملهائجي چيم اهو وري ڪيئن جنهنجو جواب ڏنئين ته
سڄڻ سامهون هجي ويٺل اٿڻ تي دل ڪٿي چوندي
ڇڏي محبوب جي محفل وڃڻ تي دل ڪٿي چوندي
خير ايئن پروگرام اهو طئي ٿيو ته جنم ڏينهن ۾ ايم پي اي مير نادر مگسي جو هجڻ لازمي آهي جنهن جو حل صرف اهو هو ته اُتي وڃجي سو هتان سڪرنڊ مان اسين پنجن سفر جا ساٿي ٿياسين حاجي عبدالله مگسي .سڄڻ خان مگسي ، انيس عبدالله مگسي ، مير محمد ڪيريو ۽ آئون ( قاضي جاويد سنائي ) خير سفر ڪري وڃي شهدادڪوٽ پهتاسين ماڻهن جو انبوھ ھجي اتي خبر پئي ته نوابزاده صاحب ناهن ڪنهن ڪم سانگي نڪتل آهن رات جو دير سان موٽندو ۽ ملاقات وري ٻئي ڏينهن ٿيندي ٿوري دير لاءِ پريشان ٿياسين پر پوءِ خبر پئي ته مير صاحب جي سيڪريٽري کيس جڏھن ٻڌايو ته سڪرنڊ مان مهمان آيل آهن ته پاڻ سڀ مصروفيتون اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيا ۽ اچي حاجي عبدالله مگسي پاران اڳيئي رٿيل جنم ڏينهن جي تقريب ۾ شامل ٿيس سندس ئي جنم ڏينهن جو ڪيڪ سڪرنڊ جي ٽيم سان گڏ ڪٽيو خير مون جيڪو مٿي ذڪر ڪيو حيران ڪن جو ته هڪ ته سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي موٽي آيا جيڪو اسان وٽ نا ممڪن آ ٻيو ته جيڪي ماڻھو اتي گڏ ٿيل هئا انهن سان به ايئن الڳ الڳ پارڪن ، ڪمرن ۽ هلندي هلندي سندن مسئلا معلوم ڪري ان وقت ئي فون ڪري مسئلا حل ڪري رهيو هو جڏھن ته ماڻھو ڪو ڪلهي مان ڪو ٻانهن مان ته ڪو وري پاسا پيو هڻيس پر مجال آ جو منهن کنجهائي يا ناراض ٿئي سندس اها ڳالھ مون کي پسند آئي نه ته سياسي ماڻھوءَ عام ماڻھوءَ سان ايئن نه ملندا آهن بهرحال اسان سان ملاقات بعد جنهن ڪم تان اڌ ۾ موٽيو هو واپس اوڏانهن ويندي ڇيئين ته ترسو ته رات ڪيون ڪچهري پر اسان کائنس موڪلايو هوڏانهن وري ملازمن اسان کي چيو ته مير صاحب جو حڪم آ فل پروٽوڪول ڏيڻ جو ايئن پوءِ شاندار مهمان نوازي ڪئي وئي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته جيڪڏھن سڀ چونڊيل نمائنده ذوالفقار علي بهڻ ۽ مير نادر علي مگسي ٿي پون ته سماج ۾ گهڻو ڪجھ سُٺو ٿي سگهي ٿو : الله واهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں