دادو(ڊ ر) دادو شهر جي حسين آباد ڪالوني ۽ سومر ٽائون جي رهواسين طرفان سيپڪوانجنيئر عبدالعزيز پنهور، ايس.ڊي.او فاروق ڪابورو ۽ لائن سپريڊنٽ عبدالرشيد ميمڻ جي ناجائزين خلاف عباس علي وگهيو، محمد رفيق چنه، منصور ڪلهوڙو، خيرالدين لاشاري، رحمت الله جمالي، رجب سولنگي، سڪندر سومرو، سجاد ابڙو ۽ ٻين اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيپڪوواپڊا جون من مستيون وڌي ويون سيپڪو واپڊا انجنيئر عبدالعزيز پنهور، ايس.ڊي.او فاروق ڪابورو حسين آباد ڪالوني ۽ سومر ٽائون پهچي چيو ته ايس.ڊي.او فاروق ڪابوري کي ٽرانسفارم جا 5 پنج لک روپيه ڏنا هيا ۽ مونکي 10 ڏهه لک روپيه کپن پيسه نه ڏيڻ تي پوليس موبائل ساڻ ڪري چيان ته جيڪو به ڳالهائيندو انهي کي گرفتار ڪيو ويندو هي غنڊه گردي ڪندڙ سيپڪو انجنيئر عبدالعزيز پنهور ڪاوڙ ۾ اچي 11 هزار تار ٽرانسفارم مان ڪٽي ڇڏي ۽ چيو ته هي ڪالوني رجسٽرڊ نه آهي رهواسين چيو ته هي ڪالوني 8 سالن کان رجسٽرڊ آهي تڏهن ته ڪالوني کي ٿنڀا ۽ ٽرانسفارم لڳائي اسان ميٽر جاري ڪيا جڏهن ته ڪالوني رجسٽرڊ نه هئي ته ۽ سيپڪو وارن ٿنڀا ڇو هنيا ۽ ڇو اسان ميٽر الاٽ ڪيا ويا هنن چيو ته اسان وٽ ميٽر آهن ۽ هر مهيني بل ادا ڪندا آهيون ڪنهن ڏي به بقايا رهيل نه آهي انهي جي باوجود به اسان ميٽر صارفين سان نا انصافيون ڪيون پيون وڃن هنن چيو ته انجنيئر عبدالعزيز پنهور، ايس.ڊي.او فاروق ڪابورو مها ڪرپٽ آفيسر آهن هنن جو پيٽرول پمپ، هوٽلون ۽ برف ڪارخاني وارن کي ڊائريڪٽ ڪنيڪش ڏئي لکين روپيا منٿلي ورتي وڃي ٿي هنن سيپڪو واپڊا کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته بجلي نه هجڻ ڪري مسجدن ۾ پاڻي نه آهي نمازي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن رهواسين چيو ته رات جو مڇر هجڻ ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا بيماري ۾ وٺجي ويا آهن ۽ سيپڪو آفيسرن کي ڪوبه رحم نه آيو ۽ من پسند ماڻهن کي بجلي ڏني پئي وڃي جيڪا بنا ميٽر جي هلي رهي آهي ۽ هنن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي اسين وزير اعظم پاڪستان، وفاقي وزير خرم دستگير، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيشن جج دادو، ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ٻين اعلى اختيارين کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته انجنيئر عبدالعزيز پنهور ۽ فاروق ڪابورو خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سيپڪو واپڊا کي نجڪاري ۾ ڪيو وڃي ۽ بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انجنيئر سيپڪو آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين.
