روهڙي(ن س) ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين جي سڏ تي سوين ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران سپروائيزر روزينا ميمڻ؛ سپروائيزر شاهدا؛ سپروائيزر عالمه؛ سپروائيزر ظهورا؛ هيلٿ ورڪر شمع ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيمينٽ فيڪٽري روڊ کان تعلقه اسپتال روهڙي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ هيلٿ ورڪرن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي رسڪ الائونس جي بحالي ۽ ٻيا مطالبا لکيل هئا بعد ۾ هيلٿ ورڪرن تعلقہ اسپتال روهڙي جي سامهون رسڪ الائونس ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي سپروائيزر روزينا ۽ شاهدا جو چوڻ هو ته هيلٿ ورڪرز نه رڳو پوليو مهم دوران گھر گھر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون پر ٻين موذي مرضن جي خاتمي لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو پڻ اهم ڪردار آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس جي دور ۾ به ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجون ذميواريون نڀايون انهن صحت جي صوبائي وزير ۽ اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته سموري سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي ۽ ٻيا مطالبا به تسليم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
