سانگهڙ ۾ ماءَ ۽ ٻار جي صحت بابت آگاهي مهم شروع

 سانگهڙ (هه آ) اقرس ان ڪارپوريٽ ڊ اسلام آباد پاران ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خانداني منصوبه سازي۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي ٻوڏ متاثر علائقن ۽ رليف ڪيمپن ۾ رهندڙ مائرن ۽ نومولود ٻارڙن جي صحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻارن پيدائش وچ ۾ وقفي  بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي ٿي.  ليڊي سوشل موبلائيزر عطيه خان ۽ بلال ڪنڀر پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اقرس ان ڪارپوريٽڊ پاران جاري آگاهي مهم جي سلسلي ۾ دادو ۽ خيرپور سميت سانگهڙ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گهر گهر وڃي عورتن ۽ انهن جي نومولود ٻارن جي صحت سميت خانداني منصوبه سازي بابت مڪمل ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهيون.  هن وڌيڪ چيو ته انهي حوالي سان سماجي تنظيم هينڊز پڻ اسان سان سهڪار ڪري رهي آهي. جڏهن ته اقرس ان ڪارپوريٽڊ اسلام آباد  پنهنجي ڊونر تنظيم ساچي جي سهڪار سان هن پروجيڪٽ کي هلائي رهي آهي، جنهن جا مختلف مرحلا آهن جنهن ۾ عورتن، والدين، نون شادي شده جوڙن، لاڳاپيل عملدارن ۽ ٻين ادارن جي فردن سان ملاقاتون ڪري انهن کي خانداني منصوبه سازي، ٻارن جي پيدائش جو وقفو ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت معلومات فراهم ڪئي ويندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں