سوڀوديرو ۾ 2013ع ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج

سوڀوديرو(ن س) سوڀوديرو جي رهواسي نوجوانن امتياز علي سھتو. شفقت علي قاضي ۽ محمد ٻڍل سھتو تعلقہ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو تہ اسان NTS 2013 جا پاس استاد اميدوار آھيون ڪورٽ جي حڪم جي باوجود اسان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي عدالت سڳوري جي حڪم باوجود به وزير تعليم سردار علي شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري اين ٽي ايس پاس 2013 جي اميدوارن کي آفر آرڊر نٿا ڏين عدالت سڳوري جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آھي. هنن وڏيڪ چيو تہ اسان ڪيترا ئي دفعا ڪراچي سميت مختلف شھرن ۾ احتجاج ڪيو آھي پر افسوس اسان کي ڪٿان به موٽ نه ٿي ملي بوگز پاليسي تحت اسان جي حق تي ڌاڙو هنيو ٿو وڃي. هنن وزير اعلي سنڌ چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪيٽري تعليم کان گهر ڪندي مطالبو ڪيو تہ 2013 NTS پاس اميدوار کي جلد آڊر ڏنا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں