ڪراچي (بيورو) : اطلاعات ،ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي ييلو لائين بابت عالمي بينڪ جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪئي. ورلڊ بئنڪ جي نمائندگي شوميڪ ميهندراتا پريڪٽس مئنيجر ٽرانسپورٽ ورلڊ بئنڪ، ۽ حسن زيدي سينيئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن ر الطاف حسين ساريو، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ييلو لائين، امير فضل، شاهين صابر، محمد يوسف منير ڊائريڪٽر ايس ايم ٽي اي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ بي آر ٽي ييلو لائن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي . صوبائي وزير جي تجويز تي ورلڊ بئنڪ جي نمائندن بي آر ٽي يلو لائين روٽ جي گڏيل سروي ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي يلو لائين تي 438 ملين آمريڪي ڊالرن جي لاڳت ايندي. پروجيڪٽ جي تحت دائود چورنگي کان نمائش چورنگي تائين 21 ڪلوميٽر ڪوريڊور تعمير ڪيو ويندو. جيڪو ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ دائود چورنگي کان شروع ٿي ڄام صادق پل، مين ڪورنگي روڊ کان ايف ٽي سي انٽرچينج وٽ شاھراھ فيصل ۽ شاهراھ قائدين کان ٿيندو ڪشمير روڊ انٽرچينج تي بي آر ٽي ريڊ لائين سان ڳنڍجي ڪري نمائش چورنگي تي ختم ٿيندو. اجلاس ۾ صوبائي وزير عالمي بينڪ جي وفد کي ڪراچي ۾ فوري طور تي 300 اليڪٽرڪ بسون آڻڻ جي پڻ آڇ ڪري ڇڏي. ھن چيو تہ سنڌ حڪومت صوبي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. عالمي سيڙپڪارن لاءِ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ شاندار موقعا موجود آهن. حڪومت سيڙپڪارن کي ھر سھولت ڏيڻ لاءِ تيار آھي. صوبائي وزير چيو تہ سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ بلٽ ٽرين هلائڻ جي به رٿابندي ڪري رهي آهي، ان پروجيڪٽ تي عالمي بئنڪ سنڌ حڪومت جي معاونت ڪري. ھن چيو تہ پهرين مرحلي ۾ ڪراچي کان حيدرآباد ۽ ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد کان سکر تائين بلٽ ٽرين جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون. ڪراچي-سکر بلٽ ٽرين لاءِ بهترين روٽ آهي، جنهن تي سيڙپڪارن لاءِ بهترين موقعا موجود آهن. ان موقعي تي عالمي بينڪ جي وفد صوبائي وزير کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.
