قمبر ۾ شهري اتحاد جي بدامنيءَ خلاف علامتي بک هڙتال

قمبر(ڊ ر) قمبر ۾ گذريل هفتي کان شهري اتحاد پاران شهر ۾ ٿيندڙ ڦر چوري ۽ بدامني خلاف احتجاج جاري هو شهري اتحاد جي علامتي بک هڙتال تي ريڊر ٽو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عبدالرحمان ڀٽو،ڊي آئي پي انچارج هريش ڪمار،سٽي ٿاڻي جو وڏو منشي رياض حسين پهنور علامتي بک هڙتال ڪئمپ تي پهتا، جتي شهرين قمبر مان ٿيندڙ ڦر چوري ۽ امن امان بابت چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ڳالهين دوران هڪ هفتي جي پوليس کي مهلت ڏني وئي پوليس يقين ڏياريو ته قمبر شهر ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي جلد ڏوهارين کي سڳ سميت ظاهر ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں