لاڙڪاڻي ۾ چئن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو، خريدارن جي رش

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ چئن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو شهر جي جناح باغ ۾ شروع ٿي ويو جنهن جو افتتاح لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو طرفان پي پي پي اڳواڻ ۽ يوسي وائيس چيئرمين شاهه رخ سيال، اديب استاد خالد چانڊيو، آرگنائيزرن ڪامران شيخ، ايڊووڪيٽ آفتاب چانڊيو، ايڊووڪيٽ سرمد هليو ۽ ايڊووڪيٽ سجاد چاوڙو گڏجي ربن ڪاٽي ڪيو. ڪتابي ميلي ۾ لطيفيات، فلاسافي، ادب، تاريخ، تحقيق، سياست، سائنس، جنرل ناليج سميت ٻين موضوعن جا ڪتاب 20 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو رعايت تي رکيا ويا آهن. ڪتابي ميلي ۾ مقامي، اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن، ٻارن جي والدين، ليکڪن، شاعرن، اديبن، وڪيلن، ڊاڪٽرن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن جي رش لڳل رهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته ڪنهن به سڌريل سماج ۾ ڪتاب جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ۽ ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي، جڏهن ته ڪتاب انسان کي انڌيرن مان ڪڍي روشنين طرف وٺي ٿو وڃي، اسان مسلمان آهيون ۽ دنيا جو بهترين ڪتان قرآن شريف آهي، اهو اسان کي هر وقت پڙهي ان کي سمجهڻ سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سنڌي دنيا جي ڪهڙي به ملڪ ۾ رهندا هجون اسان کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي رسالو پڙهڻ گهرجي، ان سان اسان کي تمام گهڻو سڪون ملندو، جڏهن ته نوجوانن کي گهرجي ته هو هر طرح جو ڪتاب پڙهن ان ۾ ادبي، علمي، سائنسي، تاريخي، جاگرافي جي طور تي يا ٻيا ڪي سٺا ڪتاب هجن انهن کي پڙهڻ گهرجي، ڪتاب اسان جو هڪ بهترين دوست آهي، ڇاڪاڻ جو ڪتاب انسان کي خوشي، راحت ۽ ڄاڻ فراهم ڪري ٿو، ڪتابن سان انسان کي سٺو علم ملندو، جنهن سان هو اقدساتي ۽ معاشي طور تي مضبوط ٿي نوڪري حاصل ڪندو يا ته وري بهترين ڪاروبار شروع ڪندو، هر شعبي ۾ ترقي ڪندو ان سان گڏ ان جي شخصيت سڌرندي ته اسان جو سماج سڌري پوندو ۽ سماج جي جيڪي منفي نعرا آهن ڪرود، ڪاوڙ ۽ هر قسم جا نيگيٽو پهلو آهن، اهي سڀ ختم ٿي ويندا ۽ ماڻهو جي زندگي ۾ نخار، خوشي، سڪون ۽ سونهن اچي ويندي، ان لاءِ اسان کي ڪتاب پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٻارڙن کي پڻ ڪتابن جا تحفه ڏيڻ گهرجن، جنهن سان اسان جو سماج سڌري پوندو. هن چيو ته آءُ پڻ هتان ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ آيو آهيان، ڇاڪاڻ جو مان ڪتاب پڙهندو رهندو آهيان، جنهن سان تمام گهڻي ڄاڻ ملندي آهي، شهرين کي گهرجي ته هو اهڙن ميلن ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي ڪتاب مان علم پرائين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں