ٽنڊوآدم ( ن س ) گذريل رات سماجي اڳواڻ رئيس حاجي زاھد علي مري پاران درگاھ سيد حاجي شاھ بابا جي ماھوار چوڏھين عقيدت ۽ حترام سان ملھائي وئي ان موقعي تي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي راڳين فقير قائم لنجواڻي . فقير جوان ڇڄڙو . فقير رحمت لنجواڻي . فقير عبدالرزاق لنجواڻي ۽ فقير خدابخش خاصخيلي ڀٽائي جا مختلف راڳ ڳائي ويٺلن مٿان وجد طاري ڪري ڇڏيو محفل رات دير تائين جاري رھي محفل جي آخر ۾ عالم اسلام سميت سنڌ جي خوشحالي . ترقي . امن ۽ محفل ۾ شرڪت ڪندڙ حاضرين لاء اجتمائي دعا گھري وئي ان موقعي تي راڳ جي محفل منعقد ڪندڙ رئيس حاجي زاھد علي مري چيو ته درگاھ سيد حاجي شاھ بابا جي ماھوار چوڏھين عقيدت ۽ حترام سان ملھائي وئي سيد حاجي شاھ بابا جي درگاھ قديمي آھي سندس شخصيت تاريخ جي ورقن ۾ لڪيل آھي سندس ڪرامتن جي ڪري وڌيڪ عقيدتمند پري پري کان اچي سکائون ڏئي دعا گھرندا آھن ھن وڌيڪ چيو ته درگاھ تي ھرسال عرس مبارڪ ملھايو ويندو راڳ جي محفل ۾ شھر جي معززين غلام محمد ساند . استاد نادر علي شيخ . عاشق ساند . علي شير ڏاھري . رئيس ابرار علي مري . سيد قاسم شاھ . عبدالرشيد ورياھ سميت صحافي خالد خاصخيلي . رياض سنجراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ڀٽائي جي عقيدتمندن لاء لنگر جو بندوبست پڻ ڪيو ويو .
