ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جي ڀارت کي 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست

ايڊيليڊ ( م ڊ ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڀارت کي ڏهه وڪيٽن بدترين شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو . انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر ۽ ايلڪس هيلز 170 جي رڪارڊ ڀائيواري جوڙي. ايڊيليڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ انگلش ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . ڀارت پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 168 رنسون ٺاهيون ۽ انگلينڊ کي 169 رنسن جو هدف ڏنو. ڀارت طرفان هاردڪ پانڊيا 33 بالن تي 63 رنسن جي تيز اننگز کيڏي جنهن ۾ پنج ڇڪا ۽ چار چوڪا شامل هئا، انکانسواءِ ورات ڪوهلي هن ورلڊ ڪپ ۾ چوٿين ففٽي اسڪور ڪئي. ڀارت طرفان ڪي ايل راهول پنج، ڪپتان روهت شرما 27، سوريه ڪمار 14 ۽ ريشڀ پانت 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا. انگلينڊ جي ڪرس جارڊن ٽي، ڪرس ووڪس ۽ عادل رشيد هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 169 رنسن جي جواب ۾ انگلش اوپنرن ڀارتي بالرن خلاف شروع کان جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ ڪٿي به کين ميچ ۾ واپس اچڻ جو موقعو نه ڏنو. ڪپتان جوز بٽلر 49 بالرن تي 80 رنسون اسڪور ڪيون جنهن ۾ نوَ چوڪا ۽ ٽي ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته ايلڪس هيلز  چئن چوڪن ۽ ست ڇڪن جي مدد سان 47 بالن تي 86 رنسن جي اننگز کيڏي . شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي هيلز کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں