وزيرآباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ وزيرآباد ۾ وري شروع ٿي ويو، جنهن سان پارٽي چيئرمين عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو. عمران خان چيو ته مون کي رٿابندي تحت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها رٿابندي سيپٽمبر ۾ ٿي هئي، 24 سيپٽمبر تي مان چئي ڇڏيو هو ته منهنجي قتل جي رٿابندي ٿي آهي، ابتسام اسان جو هيرو آهي، جنهن حملي کي ناڪام بڻايو، معظم جي شهيد ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک آهي، سندس ٻار پالڻ جي ذميواري کڻنداسين. هن چيو ته لانگ مارچ هلي رهيو آهي، ڪنٽينر جي فرانزڪ سان ثابت ٿيو ته ٻه مختلف قسمن جون گوليون لڳيون آهن، حقيقي آزادي جي تحريڪ بيهندي نه پر زور وٺندي، اسان کي نه اسلام آباد وارن کي تڪڙ آهي، لانگ مارچ جي ٽائمنگ پاڻ طئي ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سدائين پنهنجي امپائر سان گڏ کيڏندو آهي، مون کي نه نواز شريف کي امپائر جي ضرورت آهي، اي وي ايم بنا به چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف کي اڪثريت ملندي. مان پاڪستاني قوم کي بيدار ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان، جتي وزير اعظم بيوس هُجن، اُتي عام ماڻهو کي ڪهڙا حق ملندا، مان قوم کي حقيقي آزادي ڏيارڻ نڪتو آهيان. عمران خان عوام کي اپيل ڪئي ته جڏهن لانگ مارچ راولپنڊي پهچي ته عوام ڀرپور شرڪت ڪري، هيءَ اسان جي بقا جو مسئلو آهي
