ڄامشورو( ڊ ر )ڄامشورو ۾ ڏيڍ مهينو اڳ مڙس هٿان بيدردي سان قتل ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽ ٻئي فائينل ائير جي شاگردياڻي ۽ ڄامشورو جي اخباري هاڪر سڪندر عباسي جي نياڻي ماجده عباسي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ٽنڊو يوسف واري قبرستان ۾ سول جج ڪنزيومر ڪورٽ منير احمد جگسي جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪئي وئي. جڏهن ته قبرڪشائي بعد ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر محمد احسان، ڊاڪٽر راحيل خان، ڊاڪٽر وحيد علي ناهيو، ڊاڪٽر وقار احمد تنيو پوليس سرجن ۽ ڊاڪٽر زونيش تي مشتمل ميڊيڪل بورڊ پاران معصوم نياڻي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ مارٽم دوران نياڻيء جي جسم مان ورتل جزا لمس ڄامشورو ۽ روهڙي جي ليباٽرين ڏانهن ٽيسٽن لاءِ موڪليا ويا. ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ 22 سيپٽمبر تي شاگردياڻي ماجده عباسي کي سندس وحشي مڙس زاھد سولنگي نوري آباد پهاڙي علائقن ۾ وٺي وڃي پٿر ھڻي بي دردي سان قتل ڪري لاش برپٽ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو هو، پر ڪجھ ڏينهن بعد وحشي مڙس نوري آباد پوليس ۽ صحافين اڳيان زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ۽ لاش جي نشاندھي پڻ ڪئي ھئي. جڏهن ته نوري آباد پوليس بغير پوسٽ مارٽم جي لاش ٽنڊو يوسف جي قبرستان ۾ لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيو ھو جنهن جو اڄ قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتولا ماجده عباسي جي والد اخباري هاڪر سڪندر علي عباسي جو چوڻ هو ته هڪ ته اسان جي ناٺي اسان سان ظلم ڪيو ٻيو وري نوري آباد پوليس بنا ڪنهن جاچ پڙتال يا انڪوائري ڪرڻ جي اسان جي نياڻي کي لاوارث ڪرار ڏئي ايڌي وارن جي هٿان دفنائي ڇڏرائي اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي، پوليس ان ناانصاف سبب اسان پنهنجي نياڻي کي پنهنجي هٿن سان ته نه دفنائي سگهياسين ويتر اڄ ان جي لاش جي به بيحرمتي ڪرائي رهيا آهيون، هن چيو ته جنهن ڏينهن کان اسان جي نياڻي جي بيرحماڻو قتل ٿيو آهي ان ڏينهن کان اڄ تائين سک جو ساھ ناهي کنيو، هنن اعلي’ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان تمام وڏو ظلم ٿيو آهي قانوني ادارا نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪن.
