ڪامران ٽيسوري جي فريال ٽالپر سان اهم ملاقات، سنڌ جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي () سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ صوبي جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال، ٻوڏ متاثرن جي امداد، رليف جي ڪمن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن صوبي ۾ تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ بهتري لاءِ قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪامران ٽيسوري چيو ته پ پ صوبي ۾ تعليمي معيار جي بهتري، مفت تعليم ۽ صحت جي حوالي سان سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري، سياري ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسان جي ضرورت آهي، جلد کان جلد رليف جا ڪم مڪمل ڪيا وڃن ۽ متاثرن کي سهولتون ڏنيون وڃن. سندس چوڻ هو ته صوبي ۽ وفاق ۾ هم آهنگي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس، وفاق کان جيڪو سهڪار گهربل هوندو اهو فراهم ڪندس. فريال ٽالپر چيو ته پ پ مسئلن جي حل لاءِ سڀني سياسي جماعتن سان گڏجي هلندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں