حيدرآباد(پ ر) ڊي ايڇ ڪيو بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر برڪت علي لغاري اسپتال جي بهتري لاءِ بهترين قدم.09-11-2022 تي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڪوٽڙي ۾ لئپرو اسڪوپڪ سرجري جي افتتاحي تقريب ڊي ايڇ ڪيو بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي او ٽي ڪمپليڪس ۾ ٿي گذري جنهن منجهه ڄاڻايو ويو ته ڪوٽڙي اسپتال ۾ ٻيا مختلف آپريشن ليپرو اسڪوپ ذريعي ڪيا ويندا آهن. تقريب ۾ مهمان خصوصي پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ وائيس چانسلر لياقت ميڊيڪل ڪاليج يونيورسٽي ڄامشورو، پروفيسر اشرف خاصخيلي پرنسپال بلاول ميڊيڪل ڪاليج، پروفيسر ڊاڪٽر طفيل بلوچ وائيس پرنسپال، جڏنهن ته ڊي ايڇ ڪيو منجهان ڊاڪٽر اعجاز، ڊاڪٽر بچل شيخ، ڊاڪٽر اديبا، پروفيسر ڊاڪٽر نثار کوکر، ڊاڪٽر مظفر، پروفيسر ڊاڪٽر عبد الغني سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر فوزيه رسول، پروفيسر ڊاڪٽر نصرت نثار، سان گڏو گڏ ٻين پروفيسر ڊاڪٽرن توڙي صحافي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪيئي. ڊاڪٽر برڪت علي لغاري پريس وارن سان ڳالهائيندي چيو ته اها سهولت ڪوٽڙي ۾ پهريون ڀيرو ڏئي رهيا آهيون وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ جديد مشينري مهيا ڪيئي وَڃي ته جيئن اسان هتان جي غريب عوام کي وڌيڪ پڻ بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهون.
