اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي مٿان تشدد خلاف سينيٽرز پاران پارليامينٽ هائوس کان سپريم ڪورٽ تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو. رپورٽ موجب مارچ ڪندڙ سينيٽرز اعظم سواتي کي انصاف ڏيارڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بابت نعريبازي ڪئي. پارليامينٽ کان سپريم ڪورٽ تائين مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ تحريڪ انصاف جي سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته ايوان جا سمورا ميمبر ملڪ جي اعليٰ عدليه جي سامهون بيٺل آهن. سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته رياست جو ڪم ضابطي تحت ڪم ڪرڻ آهي. جنهن کي پاڪستان جو آئين چيو ويندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي آئين تحت ادارا نه هليا ته اها رياست نٿي هلي سگهي. هن چيو ته اعظم سواتي هن پارليامينٽ جو سينئر ميمبر آهي. هن جي گهر ۾ چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو. کيس سخت ذهني تشدد جو نشانو بنايو ويو. هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ٻاهران پنهنجو ڪيس کڻي آيا آهيون. اميد آهي ته اسان سان انصاف ٿيندو ۽ انصاف ٿيندي به نظر ايندو. سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته عمران خان معاملي تي به اميد آهي ته عدليه پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. مصطفيٰ نواز کوکر هڪ مثال قائم ڪئي آهي جڏهن ته ٻين ميمبرن کي به چوان ٿو ته هو پنهنجو ڪردار نڀائين. سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي ۽ سپريم رهندي. ڪميٽي ڪميٽي کيڏڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. جيڪي بند ڪمرن ۾ ڳالهيون ڪندا آهن اهي پنهنجو رت رستن تي ناهن ڏيندا. هي قانون سان مذاق ڪري رهيا آهن. هنن تحريڪ انصاف جي سينيٽ ميمبرن سان گڏ سپريم ڪورٽ ٻاهران علامتي ڌرڻي جو به اعلان ڪيو.
