حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد شھر جي علائقي پڪي قلعي ڀرسان جاني شاھ پاڙو ٽيون نمبر تلاءُ جي پنجاھ کان مٿي عورتن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي جدوجھد کان متاثر ٿي سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نصرت خاصخيلي ۽ ٻين خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪري شھر جي مختلف علائقن ۾ تنظيم سازي جو فيصلو ڪيو ويو. جاني شاھ پاڙي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو يونٽ کوليو ويو جنھن جي صدر رضيه ممتاز جنرل سيڪريٽري: حميرا اختر کي چونڊيو ويو ۽ ميمبرن ۾ زرينا بلوچ، فتح خاتون، زاھده ميمڻ ۽ ٻين کي چونڊيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي سماج اندر ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي.
