حيدرآباد ۾ خانگي اسڪولن جي استادن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد

حيدرآباد(پ ر)سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ‘سنڌي پڙهائڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکيائيون ۽ مسئلا’ جي عنوان هيٺ خانگي اسڪولن جي استادن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. تربيتي ورڪشاپ ۾ مختلف خانگي اسڪولن جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته” ٻوليءَ جي واهپي ۽ تدريس کي هٿي وٺرائڻ لاء هي ادارو جوڙيو ويو، ٿوري گهڻي فرق سان اسان جو بنيادي ڪم ساڳيو آهي. ان ڪري هاڻ سنڌي جي معياري تعليم جي بهتري لاء گڏجي وڌڻو پوندو. هن ورڪشاپ جو مقصد ئي اهو آهي ته خانگي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن سان جيڪي مسئلا درپيش آهن اهي ٻڌي گڏيل طور انهن جو حل ڪڍون ڇو ته ٻولي بچائڻ لاء استاد جو ڪردار اهم ۽ بنيادي آهي پر بدقسمتي سان هن وقت صرف سنڌي صرف مضمون طور پڙهايو وڃي ٿو پر ان کي ٻوليءَ طور نٿو پڙهايو وڃي اهڙي صورتحال ۾ ان مورچي تي ڪاميابي ممڪن نه آهي. هن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي سان گڏجي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ” سنڌي لئنگئيج سينٽر قائم ڪري رهيا آهيون جيڪي ايندڙ مهيني کان هڪ مهيني جي تربيت شروع ڪرائيندا، تعليم کاتو خانگي اسڪولن کي اوهان جي تربيت ان دوران اوهان جي پگهار ۽ ٻين سهولتن بابت پابند ڪندو ته جيئن اڄ ملندڙ تجويزن تحت تربيت ڪرائي سگهجي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته اسان سڀ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيا آهيون اسان جي معاشري جا وڏا نالا عبدالستار ايڌي ۽ اديب رضوي به سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ورتي اڄ لکين روپيا فيس وٺندڙ اسڪول اديب رضوي پيدا نٿا ڪري سگهن.هن وقت دنيا جون ترقي يافته قومون پنهنجي مادري ٻولين ۾ تعليم ڏين ٿيون پوء آخر ڪهڙو سبب آهي جو اسان پنهنجي ٻار کي بنيادي تعليم به پنهنجي ٻولي ۾ نٿا ڏئي سگهون ان سان اسانجو ٻار پنهنجي ثقافت ۽ روايتن کان پري ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو پنهنجو وطن، اسان جا شهر اسان جا ٻار پوء به ڪافي اسڪولن ۾ پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪري ٻارن تي ڏنڊ وڌو وڃي ٿو ۽ سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي وڃي ٿي ان ڪري اسان کي پنهنجي ٻولي جي مالڪي ڪرڻي پوندي. هن معاملي ۾ ادارن کان وڌيڪ استاد وڌيڪ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڇو ته ماء کان پوءِ استاد جو ئي بنيادي ڪردار هجي ٿو، هتي سنڌي پڙهائيندڙ استادن کي اها اهميت نٿي ملي جيڪا ٻين موضوعن جي استادن کي ملندي آهي ان ڪري سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي اهميت وڌائڻ لاء سرڪار سان ڳالهائينداسين  ڇو ته اهو مورچو انتهائي اهم آهي ۽ ٻوليءَ جي جنگ اوهان استاد ئي کٽائي سگهو پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں