خيرپور ۾ اين سي ايڇ ڊي طرفان 30 خاندانن ۾ راشن، ٿانو ۽ گرم بسترا ورهايا ويا

 خيرپور (ڊر) نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ(NCHD) جي چيئرمين رٽائرڊ ڪرنل اميرالله مروت، ڊائريڪٽر آپريشن سنڌ حميرا هاشمي ڳوٺ ڌڻي بخش بروهي يونين ڪائونسل جهنڊو مشائخ پهچي 30 ٽينٽ تي مشتمل ٽينٽ سٽي ۾ 30 خاندانن ۾ راشن، ٿانو ۽ گرم بسترا ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين چيو تہ انسان ذات جي هن ڏکي صورتحال ۾ مدد ڪرڻ اين سي ايڇ ڊي جو عزم آهي. اين سي ايڇ ڊي پوري پاڪستان ۾ برسات سٽيل خاندانن جي سهائتا ۽ مدد ڪري رهي  ۾ پهچي. چيئرمين برسات سٽيلن ۾ راشن، ٿانو ۽ گرم بسترا ورهايا. موقعي تي حميره هاشمي ڳالهائيندي چيو تہ جيڪڏهن غلاميء ۽ غربت  منجهان نڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏياريو. تعليم ذريعي ئي غربت ۽ پسماندگيءَ منجهان نڪري سگهو ٿا. چيئرمين  اين سي ايڇ ڊي هر ٽينٽ جو معائنو ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺ ڌڻي بخش بروهي ۾ مفت طبي ڪيمپ جو به انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ ڊاڪٽرس جي ٽيم برسات سٽيلن جون مليريا، ٽائفائيڊ ٽيسٽون ورتيون ۽ ڳوٺ جي 265 ماڻهن کي مفت دوائون به ڏنيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں