دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو ) دادو لڳ خدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھرام پنھور ۾ پيار پرڻي تان ھڪ سال اڳ پنھور برادري ۾ ھلندڙ تڪرار ٻيھر ڪر کنيو رات پاڻي جي واري تي ويل ٻن ھارين عبدالحفيظ ۽ الطاف پنھور کي لنڊ برادري ۽ پنھور برادري جي ماڻھن اغوا ڪري اوطاق تي کڻي وڃي بوھ جي چوري جو الزام ھڻي کين گوليون ھڻي زخمي ڪيو، زخمين کي دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو،الطاف کي سيوھڻ ۽ عبدالحفيظ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، اھڙي عمل خلاف زخمين جي وارثن عورتن سميت دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاھرين محمد سومر، علي گوھر، نصر الله پنھور، مسمات بشيران، حسنہ دانھيو تہ حسن لنڊ، عبدالغني، لياقت علي لنڊمحمد بخش پنھور، عثمان، نصراللہ پنھور ۽ وقار پنهور وارن گڏجي ڊرامو ڪري چاچي ۽ ڀائٽئي کي ٻني تان اغوا ڪري مٿن سخت تشدد ڪري گوليون ھڻي بوھ چوري جو ڪوڙو الزام ھڻي زخمين تي خدا آباد ٿاڻي تي وڏي منشي علي بخش لنڊ کي وڏي رقم ڏئي چوري جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي آھي، ھنن اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ جوڊيشنلي انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، اصل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.
