سنڌ ۾ ڌاڙيلن جون قهري ڪارروايون؟

محمد اسماعيل لانگاھ
سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي قهري ڪاروائي جو افسوسناڪ واقعو جيڪو گهوٽڪي ضلعي جي رونتي واري علائقي جي هڪ پوليس اسٽيشن تي حملي جي صورت ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ نامور فرض شناس پوليس عملدارن کي دهشتگردن جيان ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ڊي ايس، ٻه ايس ايڇ و چئن پوليس عملدارن سميت ڇھ پوليس عملدارن کي ابدي ننڊ سمهاريو ويو ڌاڙيلن جي اهڙي قهري ڪاروائي ۾ اسانجي سنڌ حڪومت توڙي تر جي لاڳاپيل بااثر سردارن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي بس خالي مذمت جوڳو بيان جاري ٿيندي ڏٺو ويو ۽ وزيراعلي سنڌ بيان جاري ڪيو ته لاڳاپيل علائقن ۾ رينجرز سان گڏ پوليس کي آپريشن جو آرڊر ڏجي ٿو پر جناب وزير اعلي صاحب کي اها به خبر آهي ته اهي علائقا جتي ڌاڙيلن جا ٿاڪ آهن اهي پ پ جي اثر رسوخ رکندڙ بااثر ڀوتارن جا علائقا آهن جيڪي هن آپريشن جي قطعي طور اجازت نه ڏيندا ۽ پهرين به هڪ اهڙو واقعو ٽي سال کن اڳ ٿيو به هو جنهن ۾ ڌاڙيلن تي چڙهائي لاء ويندڙ پوليس ڪانواء تي حملي ۾ ھڪ ڊي ايس پي پڻ شهيد ٿيو ۽ پوليس ناڪامي جو منهن ڏسندي واپس موٽي هئي ۽ سوشل ميڊيا تي ڌاڙيلن جو ويڊيوز به وائرل ڪيون ويون جنهن ۾ هنن پوليس قبضي ۾ ڪيل بڪتربند گاڏين تي چڙھي خوشي مان رقص به ڪيو، قانون سڄي دنيا ۾ اهڙو کاتو آهي جنهن کان ڪوبه بااثر ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي پر اهو قانون کان ڏاڍو ناهي پر اسانجي صوبي سنڌ جي خاص طور اتر سنڌ پنجاب سنڌ جي بارڊر وارن علائقن ۾ رهندڙ ڌاڙيلن قانون جي رٽ کي هروقت چئلينج پئي ڪيو آهي افسوس آهي جو اسانجا حڪمران خاص طور پ پ جيڪا پنهنجي حمايتي سردارن جي عزت خاطر پنهنجي پوليس جوانن جي شهادتن تي افسوس ڪرڻ بجاء انهن قانون دشمن بااثر ڀوتارن ۽ ڌاڙيلن اڳيان گوڏا کوڙي ويٺي آهي دنيا ۾ ٻئي ڪنهن خطي ۾ به ايئن ٿيو آهي يا هتي قانون جي طاقت کي ڪاري ضرب لڳائي يرغمال بڻايو ويو آهي شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪارن جي خون سان سنڌ حڪومت ڪيترو انصاف ڪندي هن واقعي کان پوء بدنام ڌاڙيل سلطو شر جنهن کي مهينو ٻه پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو هو ۽ سڀ شهيد ٿيل سمورا پوليس اهلڪار سلطو شر جي پلاند ۾ شهيد ڪيا ويا آهن ۽ ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ڪري کين پيغام پهچايو ويو آهي افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته ايڏي ڪريل حملي واري حرڪت کانپوء قانون جي رٽ کي ويڊيو وائرل ڪري چئلينج ڪيو ويو آهي ڌاڙيل ڪير آهن ۽ انهن کي ڪنهن جي سپورٽ آهي سنڌ سرڪار ۽ سندن حمايتي پ پ ڪابينا جا بااثر سردارن تي ڌاڙيلن جي حمايتي هئڻ جو الزام هروقت لڳندو رهندو آيو آهي ڌاڙيل ڪلچر کي سڀ کان وڏي هٿي سنڌ پوليس ۾ شامل ڏوهاري پرست عملدارن ۽ بااثر سردارن جي هوندي آهي جنهن جي نشاندهي ڪرڻ ڪنهن کان ڪا ڳجھي ناهي جيڪي هٿيار سيڪيورٽي ادارن وٽ ھُجڻ گهرجن اهي هٿيار بارڊر ايرياز ۽ چيڪ پوسٽن وٽان هڪ صوبي کان ٻئي صوبي جي ڏوهارين تائين ڪير ۽ ڪيئن رسائي ٿو اهڙن معاملن جي خبر ڏوهاري پرست پوليس عملدارن کي سڄي خبر آهي رونتي واقعي کان پوء پوليس جي فرض شناسي ۽ ايمانداري تي به سوال اٿن ٿا ڌاڙيل تي هونئن انهن جي زندگي ڏوهن سان ڳنڍيل آهي انهن جي گهرن جو ڪاروهنوار کاڌ خوراڪ اولادن جي پرورش ڏوهن مان ملندڙ پئسي تي ٿئي ٿي ۽ جڏھن ان پئسي مان اڌ قانون جي عملدارن کي ملي ته پوء ان جو قصور وار سڄي انتظاميه ۽ حڪومت ۽ رياستي ادار آهن جيڪي عوام جي جانين ۽ مال جا ڀرجهلا ٿيڻ بجاء هڪ بدنام ڏوهاري جي پلاند ۾ پنهنجي کاتي جا دشمن بڻجي وڃن ته قانون جي ايمانداري ۽ فرض شناسي تي آڱريون ضرور کڄنديون رونتي واقعي کان پوء پلاند جي دعوا ڪندڙ ڌاڙيلن بيان جاري ڪيو آهي ته پوليس ئي ته اسان کي ڏوڪڙن عيوض هٿيار فراهم ڪندي آهي اهڙي ڇرڪائيندڙ انڪشاف تي حيرت کائڻ جي ڪابه ڳالھ ناهي اهو بلڪل واضع طور چئي سگهجي ٿو ته آرمي فورسز کان پهرين پوليس عوام جي محافظ آهي جيڪڏھن اها به اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري ته پوء ڌاڙيلن جو ختم ٿيڻ ناممڪن آهي انهن کي پوليس مقابلن ۾ ختم نٿو ڪري سگهجي سن 80 واري ڏھاڪي کان وٺي سنڌ ۾ ٻه ٽي وڏا آرمي آپريشن ڪيا ويا ڌاڙيلن خلاف پر سڀ کان وڏو ناسور آهي قبائلي جهيڙا ۽ جديد غيرقانوني هٿيارن جي نقل وحرڪت ۽ واپار جنهن لاء بارڊر علائقن ۽ چيڪ پوسٽن تي انتظام سُٺي نموني ڪيا وڃن ان کان پوء سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۽ اتر سنڌ وارن ضلعن ۾َسخت آپريشن ڪيو وڃي ته ممڪن آهي ڪُجھ ٺاپر اچي سگهي ٿي قانون کي طاقتور بڻائڻ لاء آپريشن کي بلڪل غير سياسي بڻائڻ کان اڳ ڌاڙيلن کان ڪابه ڪاروائي ڏوهارين بجاء پوليس انتظاميه لاء خطرو ٿي سگهي ٿي ڇو ته سنڌ ۾ قانون ڪمزور ان ڪري ئي ٿي چُڪو آهي ڇو ته ان کي سياست ۽ ڪرپشن جي ور چاڙھيو ويو آهي جنهن سبب رونتي جهڙا افسوسناڪ واقعا رونما ٿي رهيا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں