عوام سان هر ڏک سک ۾ گڏ ھوندو آهيان ۽ هميشه رهندس:مير نادر مگسي

سڪرنڊ(ن س) نوابزاده مير نادر علي خان مگسي جي 65 هين سالگره مگسي برادريء  جي معزز شخصيت حاجي عبدالله مگسي طرفان النور هائوس ۾ ملهائي وئي. ان موقعي تي حاجي عبدالله مگسي، سڄڻ خان مگسي، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي، مير محمد ڪيريو ۽ انيس عبدالله مگسي طرفان کيس  ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. سادي پر پُروقار تقريب ۾ ڳالهائيندي نوابزاده مير نادر علي خان مگسي چيو ته هي الله سائينءَ جا احسان آهن جو عوام جون محبتون ملن ٿيون. مان سمجهان ٿو ته خدمتِ انسانيت افضل عبادت آهي ۽ عوام طرفان مليل محبت ان خدمت جو سِلو آهي. هن چيو ته آئون هميشه فيلڊ ۾ رهندو آهيان ۽ عوام سان هر ڏک سک ۾ گڏ ھوندو آهيان ۽ هميشه رهندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں