قبوسعيدخان لنڪ روڊ کي ڏنل ڪٽ بند نه ٿي سگھيا، هزارين رهواسين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائيون درپيش

قبوسعيدخان (رپورٽ:خادم حسين بروهي) ڪچي پل ٽو قبوسعيدخان لنڪ روڊ کي ڏنل ڪٽ ھن مھل تائين بند نه ٿي سگھيا جنهن سبب  مختلف ڳوٺن جنهن ۾ ڳوٺ حاجي محمد ملوڪ مگسي، ڳوٺ مير ھيبت خان مگسي، ڳوٺ پانڌ خان کوسو، ڳوٺ محمد سومر کوسو، ڳوٺرئيس اعتبار مگسي، ڳوٺ فقير عبدالرزاق مگسي، ڳوٺ حاجي  غلام محمد مگسي، ڳوٺ حاجي شير محمد مگسي، ڳوٺ حاجي در محمد مگسي، ڳوٺ حاجي غلام حسين مگسي، ڳوٺ گھنور خان کوسو، ڳوٺ علي مردان مگسي، ڳوٺ اميرجان مگسي، ڳوٺ لونگ خان کوسو، ڳوٺ نظام کوسو، ڳوٺ گل محمد بوجاڻي، ڳوٺ سليمان مگسي، ڳوٺ فقير محمد معشوق مگسي، ڳوٺ بشير احمد کوسو، ڳوٺ شاھ بخش کوسو، ڳوٺ رياض خان جمالي، ڳوٺ دين محمد مگسي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي رھواسين کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئي ٿو جڏهن ته روڊس کاتو ۽  ايريگيشن کاتي سميت تعلقي انتظاميا اکيون بند ڪري ڇڏيو ڪٽ بند نه ٿيڻ ڪري علائقي  جي رھواسي اچڻ وڃڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا آهن رھواسين مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي جلد کان جلد ڪچي پل لنڪ روڊ کي ڏنل ڪٽ بند ڪري علائقي جي هزارين رهواسين کي پريشاني مان نجات ڏياري وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں