لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ مراد واھڻ محلي واسين گذريل ٻن مھينن کان سراپا احتجاج بڻيل محلي مراد واھڻ بنيادي مسئلن، گھٽين، نالين نه ٺھڻ گندي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ ۽ صفائي سٿرائي سميت ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف ھلايل تحريڪ جي سلسلي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۾ جهنڊا کڻي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مراد واهڻ جي رھواسين ۽ عوامي تحريڪ ضلعي لاڪاڻي جي صدر حاجي علي حسن وڪو، طفيل جکرو، عبدالرحمن چانڊيو، اعتزاز گائينچو، اختار چانڊيو، عبدالخالق جتوئي، مير محمد سولنگي، شاھنواز شيخ، محمد زبير علي ميراڻي، رحمت الله چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن سموري سنڌ تباھه ڪري ڇڏي آھي ڪرپشن ۽ بدعنواني سبب سنڌ جا ماڻھو ننڌڻڪا ٿي مري رھيا آھن ترقياتي ڪمن جي مد ۾ آيل بجيٽ چونڊيل نمائندا ڪرپٽ ضلعي انتظاميه سان ملي ڀڳت ڪري ھڙپ ڪري رھيا آھن سندن جو ڪوب احتساب ڪرڻ وارو نه آھي، محلي مراد واھڻ واسي بنيادي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب سخت پريشان آھن، محلي ۾ گندي پاڻي جي نيڪاسي جو ڪوبه نظام موجود نه آھي سالن کان گھٽين ۽ نالين جو ڪم ناھي ڪرايو ويو ۽ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ آيل بجيٽ ھڙپ ڪئي وئي آھي. اڳواڻن وڌيڪ مطالبو ڪندي چيو ته مراد واھڻ محلا بروھي گھٽي چانڊيا محلا ۾ فورن ترقياتي ڪم شروع ڪرائي صفائي سٿرائي جو نظام بھتر نه ڪيو ويو احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي ۽ احتجاج جو دائرو پڻ وڌايو ويندو.
