نوابشاهه ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪندڙن ملازمن تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف احتجاجي ريلي

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي جي ملازمن جو ھيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي وزير اعليٰ ھائوس ٻاھران احتجاج ڪندڙ گرينڊ ھيلٿ الائنس جي اڳواڻن ۽ عورتن تي پوليس پاران تشدد ڪرڻ بعد سندن گرفتاري واري عمل خلاف گرينڊ ھيلٿ الائنس نواب شاهه جي اڳواڻن پاران در محمد بھراڻي، ساوڻ سنڌي، حاجي علي خان ٻگهيو، راشد لنڊ، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، منظور راڄپر، امان الله عباسي، عبدالطيف رستماڻي، نصير احمد خاصخيلي، امجد جمالي، دادن خان، خليق احمد، ذوالفقار ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم ايس آفيس کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نواب شاهه پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پنھنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي پوليس پاران عورت ۽ مرد ملازمن تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته سنڌ ۾ پنھنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ڏوھه بڻجي ويو آھي اسان کي اڄ 28 ھون ڏينهن آھي پنھنجي حقن لاءِ مسلسل روڊن تي سراپا احتجاج آھيون، اسان احتجاجن طور او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو آھي صرف ايمرجنسي پنھنجون ڊيوٽيون ڏيون پيا ليڪن سنڌ حڪومت کي اسان جي احتجاج جو ڪو به اثر نٿو پوي، ھنن چيو ته سنڌ حڪومت اسان جو ھيلٿ رسڪ الائونس بند ڪري اسان سان ناانصافي ڪئي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جو ھيلٿ رسڪ الائونس مستقل بحال ڪيو وڃي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽيڪچر بحال ڪيو وڃي، سپورٽنگ اسٽاف جو ٽائيم اسڪيل بحال ڪيو وڃي، ڊيپوٽييشن پاليسي بحال ڪئي وڃي ۽ ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل صحت کاتي جي ملازمن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو بائيڪاٽ جاري رھندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں