لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪو ميرٽ جي بنياد تي اچي اهو ئي آرمي چيف هئڻ گهرجي پر نواز شريف ان کي آرمي چيف بڻائڻ چاهي ٿو جنهن سان سندس چوري بچي، هو سدائين اهڙن ماڻهن کي ئي مٿي آڻيندو آهي جنهن مان کيس فائدي جي اميد هوندي آهي. لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي حقيقي آزادي مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته موجودا حڪومت نئين آرمي چيف جي مقرري ڪرڻ واري آهي، ٽيهه سالن کان چوري ڪندڙ نواز شريف هاڻ آرمي چيف جي سليڪشن جو فيصلو ڪرڻ وارو آهي، ملڪ جي قسمت جو وڏو فيصلو اهو ڏوهاري ڪندو جيڪو گذريل ٽيهه ورهين کان ملڪ جي دولت ٻاهر کڻي وڃي رهيو آهي، ڇا ٻين ملڪن ۾ ڪو ڏوهاري اهڙو وڏو فيصلو ڪري سگهي ٿو، اوهان ڪڏهن اهو نه ٻڌو هوندو ته برطانيا ۾ ڪنهن ڪرمنل کي اين آر او مليو هجي. هن چيو ته نواز شريف مشرف سان معاهدو ڪري ٻاهر ويو، وزيراعظم سان لنڊن ۾ ان شخص سان ملي ٿو جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر ويو، نواز شريف کي جي آءِ ٽي ذريعي سزا ملي، جيڪو سزا يافته آهي اهو هاڻي ملڪ جا فيصلا ڪندو؟ اهڙي نموني شهباز شريف کي ايف آءِ اي وٽان سزا ملڻ واري هئي ان کي وزيراعظم بڻايو ويو ۽ شهباز شريف جي ڪيسن جا سمورا شاهد ٻن مهينن اندر مري ويا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جي دور ۾ انهن اين آر او لاءِ ٽي لانگ مارچ ڪيا، سندن مقصد اقتدار ۾ اچي رڳو ڪرپشن وارا ڪيس ختم ڪرڻ هو ۽ انهن اقتدار ۾ ايندي ئي 1100 ارب رُپين جا ڪيس معاف ڪرائي ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. هن چيو ته ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم هڪ ايف آءِ آر داخل نٿو ڪرائي سگهي ڇو جو طاقتور سامهون بيٺو آهي، هتي طاقتور کي جيل ۾ ناهي وڌو ويندو پر ان سان ڊيل ڪئي ويندي آهي. عمران خان چيو ته مان الڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آڻڻ لاءِ ٻن سالن تائين ڪوشش ڪندو رهيس ڇاڪاڻ ته ايم وي ايم جي اچڻ سان اليڪشن ۾ ڌانڌلي ختم ٿي وڃي ها، مخالفن اليڪشن ڪميشن سان ڳٺ جوڙ ڪري اي وي ايم اچڻ ئي نه ڏني، موجودا چيف اليڪشن ڪمشنر سندن گهرو نوڪر آهي. هن چيو ته ن ليگ پنهنجي سڄي سياسي تاريخ ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڪو ڪم ناهي ڪيو، جيڪو ميرٽ تي آيو ان کي آرمي چيف بڻجڻ گهرجي پر نواز شريف ان کي آرمي چيف بڻائڻ چاهي ٿو ته جنهن سان سندس چوري بچي. پي ٽي آءِ چيئرمين وفاقي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهي ماڻهو چوري جو پئسو بچائڻ لاءِ ادارن کي ڪنٽرول ڪندا آهن، نيب ۾ به انهن پنهنجو ماڻهو ويهاريو آهي ڪو به ضمير وارو ماڻهو انهن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ، انهن ايف آءِ اي جو قانون تبديل ڪري ان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته انهن سوچيو ته مان گولي لڳڻ ڊڄي ويندس، اعظم سواتي بزرگ ماڻهو آهي وڊيو سان ڊڄي ويندو، ارشد شريف سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو ان تي اسان صدمي ۾ آهيون، ان اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو کيس قتل ڪيو ويو؟
