ٽنڊوغلام علي(ن س) اڄ ٻي ڏينهن به ٽنڊو غلام علي ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن جو اسپيشل برانچ جي اهلڪار اشفاق لاشاري خلاف ڳوٺ جاني رند کان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي احتجاجي مظاھرو ڪندا پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويهي رھيا ان موقعي تي رند قومي اتحاد جي اڳواڻ امير بخش رند رضوان رند جيئي سنڌ محاذ ضلع بدين جي صدر انتظار رند ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو ڳوٺ جاني رند ۾ ريزڪي دڪان آھي جتي اسپيشل برانچ جي اھلڪار اشفاق لاشاري تي الزام ھڻندي چيو ته اھلڪار اسان جي ڪاڪن جي دڪان تي اچي اسان کان زبردستي رشوت جي گهر ڪئي ۽ اسان پاران انڪار ڪرڻ تي اسپيشل برانچ جو اھلڪار اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رھي ٿو ھنن وڌيڪ چيو ته اسان پرامن شهري ۽ سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ حراسان ڪندڙ اسپيشل برانچ جي اھلڪار خلاف ڪاروائي ڪري اسان پرامن شهرين سان انصاف ڪيو وڃي,
