ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو ۾ پ پ اڳواڻ جي اوطاق تي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، ماهر ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر لعل بلوچ، ڊاڪٽر عتيق عباسي، ڊاڪٽر صبا عباسي ۽ ٻين 500 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر مريضن کي تپاسي مفت دوائون ڏنيون. ڊاڪٽرن موجب هن وقت ٻوڏ متاثرين ۾ مليريا، چمڙي ۽ گيسٽرو ڦھلجي وئي آهي، جن جو علاج ڪيو آهي، وڌيڪ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وينديون. ڄامشورو ۾ پ پ اڳواڻ لالا رحمان پٺاڻ طرفان سندس رهائشگاهه تي ھينڊز انڊپينڊنٽ ليونگ سينٽر جي تعاون سان هڪ ڏينهن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، جتي لمس جي ماهر ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر لعل خان، ڊاڪٽر عتيق عباسي، ڊاڪٽر صبا عباسي ۽ ٻين ڄامشورو ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثر 500 کان وڌيڪ مريضن کي تپاسي کين مفت دوائون پڻ ڏنيون ان موقعي تي ڄامشورو ضلعي جي پ پ جي جنرل سيڪريٽري لالا رحمان خان پٺاڻ جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن کي هن وقت ٻين شين جيان ميڊيڪل ڪئمپ جي پڻ سخت ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ متاثرن ۾ مختلف بيماريون پکڙجي چڪيون آهن، جنهن ڪري هينڊز انڊپينڊنٽ ليونگ سينٽر وارن جي تعاون سان هي ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي جتي 500 کان مٿي او پي ڊي رهي، مريضن کي مفت دعوائون پڻ فراهم ڪيون ويون، ميڊيڪل ڪئمپ تي موجود ڊاڪٽرن ڊاڪٽر لعل بلوچ،ڊاڪٽر عتيق عباسي، ڊاڪٽر ستارہ، ڊاڪٽر صبا عباسي ۽ ڊاڪٽر محمد عمر جو چوڻ هو ته هينڊز انڊپينڊنٽ ليونگ سينٽر طرفان شروع کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ کين ٻين ضرورت جي شين سان گڏ ميڊيڪل جي پڻ سهولت ڏني پئي وڃي، ڄامشورو ۾ پ پ اڳواڻ لالا رحمان پٺاڻ جي تعاون سان ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي ڪئمپ تي 500 کان مٿي ٻوڏ متاثرن مريضن کي پتاسي کين مفت دعوائون ڏنيون ويون، ٻوڏ ۾ متاثرن ۾ هن وقت گهڻي ڀاڱي گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙي جي بيماري پکڙجي چڪي آهي، مريضن ۾ اڪثريت ٻارڙن ۽ عورتن جي آهي اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ وڌ کان وڌ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ته جيئن متاثرين جو علاج ٿي سگهي.
