چين جي سهڪار سان ٿر ۾ نئون پاور پراجيڪٽ ڪم شروع ڪندو: وڏو وزير

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي رکيو هو جيڪو سي پيڪ منصوبي سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ چيني صدر/ڊپٽي منسٽر ڪيبينيٽ رينڪ پيپلز ايسوسيئيشن فار فارن ڪنٽريز فرينڊ شپ مسٽر لن سونگٽيان سان ملاقات ۾ چئي جنهن ۾ قونصل جنرل لي بيجيان ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ – چين لاڳاپن ۽ سي پيڪ بابت منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چين سان مضبوط دوستي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي رکيو جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ٿي ۽ هاڻي سي پيڪ منصوبي سان وڌيڪ مستحڪم ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته چين جي سهڪار سان ٿر ۾ 1360 ميگاواٽ جو نئون ڪول پاور پراجيڪٽ ايندڙ سال کان ڪم شروع ڪندو. وڏي وزير دوري تي آيل وفد جا ٿورا مڃيا ۽ مهمانن کي سوکڙيون ڏنيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں