ڪراچي (بيورو) ڪراچي پوليس صحت کاتي جي احتجاج ڪندڙ ملازمن تي ٻيهر ڪڙڪي پئي، لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته 2 نرسز سميت ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا. پوليس 20 عورتن سميت ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو، ان کان اڳ به پوليس صحت کاتي جي 4 عورت ملازمن سميت 20 ڄڻن کي تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪيو هو. ملازم سنڌ سيڪريٽريٽ کان سي ايم هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهلي تذليل جو نشانو بڻاوي ويو، گرينڊ هيلٿ الائنس صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، ٺٽو، مديجي، ميروخان، ڇاڇرو، ڏاهلي، مورو، مٺي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. حڪومت گرينڊ هيلٿ الائنس سان ڳالهين لاءِ 5 رُڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، صحت ۽ ناڻي کاتي جا سيڪريٽريز شامل آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان گڏ ڪميٽي ۾ سيد ناصر شاهه، سعيد غني، صحت ۽ ناڻي کاتي جا سيڪريٽريز به شامل، ڪميٽي کي گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ڪراچي ۾ پوليس پاران تشدد ۽ تذليل بعد گرفتار ڪيل صحت کاتي جي 4 عورت ملازمن سميت سمورا مظاهرين آزاد ڪيا ويا آھن، ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ کان سي ايم هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهلي تذليل ڪئي وئي. صحت کاتي جا ملازم ڊي جي سائنس ڪاليج وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، گرينڊ هيلٿ الائنس پاران صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو. حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، ٺٽو، مديجي ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا، ميروخان، ڇاڇرو، ڏاهلي، مٺي، مورو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به احتجاج جاري آھي.
