ڪوٽڙي (ن س) شھري ايڪشن ڪميٽي پاران شھر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ منشيات جي وڪرو خلاف ٽن ڏينھن واري احتجاجي ڪئمپ قائم. ڪوٽڙي ۾ شھري ايڪشن ڪميٽي پاران شھر جي بنيادي مسئلن گندگي منشيات جو وڪرو پيئڻ جو پاڻي ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف ڪوٽڙي جي مک المدينا چوڪ تي ٽي روزا احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويوزوردار نعاري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن شبير ٻنگ ـ ديدار شام ـ شبير ساند ـ مقصود جھتيال ۽ ٻين چيو ته ته ميونسپل ڪميٽي جي ماھر 2 ڪروڙ روپيا بجيٽ ھجڻ جي باوجود تاريخي شھر ڪوٽڙي گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي ماڻھون ڍينگي مليريا ۾ وٺجي ويا آھن ھتان جا چونڊيل نمائندا غائب آھن ھنن چيو ته منشيات جي کلي عام وڪرو سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي ٻوڏ متاثرين جي ڪا به واھر نه ٿيڻ سبب متاثرين دربدر آھن ڪوٽڙي جو تاريخي شھر موھن جو دڙو بڻجي ويو آھي سري عام منشيات جو وڪرو جاري آھي ھزارين ٻوڏ متاثرين دربدري جي زندگي گذاري رھيا آھن ھنن مطالبو ڪندي چيو ته شھر مان صفائي ڪري منشيات جي وڪري کي بند ڪري بدامني تي ضابطو آڻي ٻوڏ متاثرين جي واھر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو.
