گورنر ڪامران ٽيسوري جي آصف زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر سنڌ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي خيريت معلوم ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال، صوبي کي پيش ايندڙ مسئلن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي قدمن ۽ شهر قائد جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں