ھڪ ننڍري سماج ۾ علم جي روشني جو اعلي’ مرڪز!

نياز احمد راھوڪڙو
علم قومن جي ترقي ۽ ڪاميابي جو راز آھي. ماضي ۾ جيڪي به دنيا جا عظيم انقلاب پيدا ٿيا آھن انهن ۾ قلم ۽ علم جو وڏو ڪردار آھي. وقت جا محقق ڪڏهن به ان ڳالهه کان انڪاري نه ٿيندا ۽ جيڪي قومون تباھي ۾ پنهنجو وجود ختم ڪيو انهن جي وڏو الميو علم کان دوري ھئي. اچون ٿا موضوع جي طرف لاڙ جي بادشاهه شھر ضلع بدين جي تعليم ماضي ۾ ڪنهن کان گھٽ نه ھئي. پر وري وچ ۾ ڪجهه حڪومت جي نااھلي ۽ علائقي جي سرواڻن جي اسڪولن جي وارثي نه ڪرڻ سبب بدين جي تعليم جو ريشو يونيورسٽي تائين شاگردن جو پھچڻ وارو تمام گھٽجي ويو ھو. اسان جا نوجوان نشي ۾ غرق ٿي ڪري عبوري مزوري جا حامي ٿي ويا ھئا. مائٽن ۽ معاشري جون ھزارين اميدون لڙڪن جي لھر واري پاڻي سان پسي ختم ٿي ويون ھيون. منهنجي مراد ان مان اھا بلڪل ناھي ته اسان وٽ وچ ۾ تعليمي ريشو بلڪل 0 ٿيو ھو ائين بلڪل ناھي بلڪي بدين ضلعي جي شاگردن جو جيڪو معياري ريشو ھئڻ گھرجي اھو نه ھو. پر ھن اوکي ويل ۾ به ڪجهه ڪردارن اھڙو ڪم ڪيو جن يقينن تعليمي ميدان ۾ حقيقي انقلاب پيدا ڪيو آھي. گھڻا اھڙا ڪردار نظر ۾ آھن. جن خوب نڀايو انھن تي به ضرور لکبو فلحال پنهنجي ماڳ ترائي جي حاجي جوڻيجي اسڪول لاء ڪجهه لفظن کي وقف ڪندس. حاجي جوڻيجي اسڪول جو سفر ھڪ جوپڙي جنهن ۾ 21 شاگردن تي مشتمل اسڪول جو آغاز ٿيو ۽ اڳيان استادن ۽ ڳوٺ جي وارثي ڪندڙ نوجوان اقبال جوڻيجو جي جفاڪشي ۽ محنت سان اڄ ھن اسڪول جي بلنڊنگ لاڙ پٽي ۾ سڀن کان اعلي’ ۽ منفرد گڏ ھن اسڪول ۾ 921 شاگردن زير تعليم حاصل ڪن ٿا. باقي ان اسڪول ۾ ڪيتريون سھولات موجود آھن اھا ڳالهه بدين ضلعي جي ڪنهن به باشعور ماڻهو کان لڪيل ناھي ان تي ڪجهه مھينا پھرين پنهنجو غريباڻو تفصيلي احوال لکي چڪو آھيان. پر ھئينر تازو 2022 ۾ جيڪو حاجي جوڻيجي جي پوري ٽيم جيڪو قدم کنيو آھي ان کي ٻڌي ڏاڍي سرھائي محسوس ٿي. تقريبن ڪنهن به ھائي اسڪول يا ڪاليج وارن جو تعلق شاگردن سان صرف پنهنجي ڏنل تعليمي نشاني تائين ھوندو آھي. اڳيان شاگردن کي يونيورسٽي يا ڪنهن به اعلي’ عھدي تائين پھچائڻ اداري جي ذميواري ناھي. اڳيان شاگرد ۽ ان جي محنت ڄاڻي ڪئين ٿو پنهنجي پاڻ کي مڃرائي. مون زندگي جي مختصر تجربي مان سکيو آھي جنهن به شاگرد کي يونيورسٽي تائين وڃڻ جو شوق ھوندو آھي. اگر مالوند آھي ته مخلتف انٽري سينٽرس جوائن ڪري ڏينهن رات ھڪ ڪري وڃي پھچندا منزل جي پنڌ تي آھن . باقي اسان جھڙا غريب شاگرد جيڪي الله جي آسري پنهنجي ذاتي محنت ۽ جفاڪشي سان ڪڏهن قسمت ساٿ ڏي ته پھچي وڃن يونيورسٽي ۾ باقي گھڻا غريب ويچارا ڪو سھارو نه ھئڻ ڪري نااميد ٿي ڪري پنهنجي زندگي کي دنيا جي عام ڪمن ۾ مشغول پيا ڪندا آھن. چاھي انهن وٽ ڪيڏو به دماغ ھجي پر رھنمائي ناھي ته رلي وڃن ٿا. اھو تجربو اڪثر پنهنجي ماڳ ترائي ۽ ان جي آس پاس امام واھ اسٽاپ. فتح آباد. تيرھين ميل ۽ تقريبن قريبي علائقن ۾ نوجوانن جي نااميدي ڏسڻ ۾ آئي. پر جڏهن خبر پئي ته حاجي جوڻيجو اسڪول انتظاميه طرفان 2022 سنڌ يونيورسٽي جي داخلا جي انٽري ٽيسٽ لاء بنا ڪنهن معاوضي يا فيس جي ترائي ۽ آس پاس جي علائقي وارن شاگردن جي تياري جديد طريقي سان ڪرائي انهن کي منزل جي پنڌ جو راھي ڪبو !!!سچ پڇو دل بھار بھار ٿي وئي. حاجي جوڻيجو اسڪول حالانڪه سيڪنڊري اسڪول آھي پر ان جي انتظاميه ۽ استادن جو شاگردن سان مخلصي ۽ سچائي وارو رشتو عجيب ۽ نرالو آھي. اسڪول جو سرواڻ اقبال جوڻيجو اسڪول جي شاگردن کي بنا ڪنهن معاوضي دريس ۽ جديد سھولات مھيا ڪندو رھي ٿو. آئون اھو دعوي’ سان چئي سگھان ٿو ته اسان جي سنڌ جي ھر علائقي ۾ اقبال جھڙو جوان ۽ علم دوست اگر پيدا ٿي وڃي ته سموري سنڌ تعليم ۾ اڳڀري ھوندي. پوء حڪومت تي معيارو ۽ شڪوائن جو شايد ڪنهن کي وقت نه ملي. اقبال جي ھن جذبي کي ڏسي حاجي جوڻيجو اسڪول جا قابل احترام ۽ ھونھار استاد به مشعل راھ آھن. مون اڪثر ٻڌو آھي ته ھتي جا استاد اسڪول وقت کان پوء به اگر شاگردن جي پروگرام وغيره جي حوالي سان ڪو ڪم ھوندو آھي ته بنا ڪنهن بعث يا ٿڪاوٽ جي شڪايت جي پنهنجو گھر سمجهي رات دير تائين پيا ٽارگيٽ کي پورو ڪندا آهن . اھڙن عظيم استادن جي جذبي کي سرخ سلام. اڪثر سرڪاري ادارن کي جتي ناڪارھ يا نااھل قرار ڏنو ويندو آھي اتي ھي حاجي جوڻيجو اسڪول ھڪ سرڪاري ادارو جنهن کي ڳوٺاڻن جي ساٿ ۽ استادن جي محنت ۽ لگن سان ھڪ مثالي ادارو بنايو ويو آھي. اھڙي اداري جو اسان جي علائقي ۾ ھئڻ اسان لاء قابل تعريف آھي. انٽري ٽيسٽ جي تياري مفت ۾ جديد طريقي سان ڪرائڻ وڏي ھمت ۽ حوصلي جي ڳالهه آھي. وڏي ڳالهه انٽري ٽيسٽ ۾ ھر اھو شاگرد حصو ورتو جنهن جو حاجي جوڻيجو اسڪول سان تعلق نه ھو ٻين مخلتف اسڪولن ۾ زير تعليم رھيا . ان مان مراد حاجي جوڻيجو جي انتظاميه صرف پنهنجي اسڪول جي ترقي لاء ڪوشان نه بلڪي پنهنجي پوري علائقي جي شاگردن کي اڳيان ڏسڻ چاھي ٿي. ھوئين ته حاجي جوڻيجو جا ڪيترائي استاد ھوشيار ۽ باھمت آھن پر بحڪم اسڪول جي پرنسيپال سر منور ميمڻ صاحب جي ڪجهه مخصوص استادن کي انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرائن جي حوالي سان سعادت حاصل ٿي. جنهن ۾ سر عاطف ٽالپر صاحب. سر بدر ڪيريو صاحب. سر عبدالڪريم ڪيريو صاحب ۽ سر نظر محمد ٺاراڻي صاحب شامل ھئا. پھرين مرتبا ھڪ نئين شئ جو آغاز ھو ان حوالي سان تقريبن علائقي جي مختلف اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ 20 شاگردن ھن سينٽر کي جوائن ڪيو. ھن سينٽر جا ڪلاسس 2 ھفته مسلسل ھليا. جتي شاگردن کي پاڻي ۽ خاص طور گرمي کان بچاء کان پنکن وغيره جو بھترين ماحول مھيا ڪيو ويو ھو. جئين شاگرد فريش دماغ ٿي ڪري تياري ڪن. وڏي خوشي جي ڳالهه تڏهن ٿي جو انهن 20 ئي شاگردن سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ 50% + مارڪس کڻي پاس ڪري سر عاطف. سر بدر. سر ڪريم وارن جي محنت کي سجايو ڪيو. انهن شاگردن ۾ زڪريا اڪبر ميمڻ. 74. جنيد 65 . راحيل 62 . محمد عارب. 59 . مبين 59 . اختر. 57 . انيس. 57 . شاھنواز 57 . الطاف 50 . اويس 49 . موثر علي 49 . عبداللھ 46 . منير 45 . اظير 43 . مختار 41 . ھي اسان جي علائقي جا مستقبل جا اھي معمار آھن جن مان اسان کي ھزارين اميدون سمايل آھن. شال محنت جفاڪشي ۽ لگن لڳائي ھزارين ڪاميابين جا سوار ٿين ۽ واپس اچي اسان جي علائقي کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪن. اسان سندس مستقبل لاءِ ھر دم دعاڳو رھنداسين. آئون آخر ۾ تمام حاجي جوڻيجو اسڪول جي انتظاميه بلخصوص ادا اقبال، سر منور، سائڻ مڪل شاهه، سائين محبوب، سر نظر محمد ۽ ھن اسڪول سان ھر گل جنهن علم جي سرھاڻ ڦھلائڻ ۾ حصو ورتو سڀن کي نمي سلام پيش ڪريان ٿو. شال اھو جذبو سنڌ جي ھر شھر. ڳوٺ ۾ پيدا ٿي وڃي ته اسان جي سنڌ به ڪنهن پيرس کان گھٽ نه آھي. آخر ۾ اياز گل جو ڪجهه سيٽون حاجي جوڻيجو جي ٽيم جي نانءُ ڪري پنهنجي قلم کي بند ڪندس ته
مٽي کي مان جي ڏيندي
مٽي جو مان ٿي ويندي
جڏهن تون عشق کي سمجھو
تڏهن انسان ٿي ويندي. (اياز گل)

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں